مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ڪشمير ۾وزيراعظم،اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوار تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾پارلياماني تعاون لاءِ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ رابطو ٿيو،اهم صلاح مشورا ڪيا ويا آهن، ٻنهي جماعتن آزاد ڪشمير جي مخصوص سيٽن تي چونڊ لاءِ گڏيل تعاون طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب گڏيل تعاون سان ٻنهي اپوزيشن جماعتن کي عورتن جي سيٽن تي هڪ هڪ سيٽ حاصل ٿي ويندي، جڏهن ته وزيراعظم،اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ به گڏيل اميدوار بيهاريو ويندو، اپوزيشن ليڊر جي سيٽ تي به پيپلزپارٽي حصو وٺندي.
99