اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڀارت کي ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عملدرآمد ياد ڏيارينداسين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته انگريزي لفظن جي حساب سان هر ميمبر ملڪ سلامتي ڪائونسل جي صدارتي ذميواري هڪ مهيني جي لاءِ سنڀاليندو آهي، صدر سلامتي ڪائونسل جو اجلاس قاعدن ۽ ضابطن بابت هلائڻ جو پابند هوندو آهي،ان جي ذميواري اجلاس جو انتظام ڪرڻ هجي ٿي، جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڪشمير جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ياد ڏيارينداسين،خاموش نه ويهنداسين، پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اميد ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي صدارت لاءِ قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري ۽ احترام ڪندو.
109