اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته افغان مهاجرن جو بار برداشت نٿا ڪري سگهون،ملڪ خلاف سرزمين استعمال ٿيڻ کان روڪيو، وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيندي رهي آهي،اڃا به ٿئي پئي،ان کي جلد روڪڻو پوندو، هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙا گروپ افغانستان ۾پيدا ٿي سگهن ٿا،جيڪي دنيا جي لاءِ خطرو آهن،اهي گروپ پيدا نه ٿيڻ گهرجن، پاڪستان ۽ آمريڪا کي اڳ کان وڌيڪ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي،مڪمل تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، هن وڌيڪ چيو ته افغان مهاجرن جو وڌيڪ بار بردشت نٿا ڪري سگهون،عالمي برادري کي گهرجي ته جنگ متاثرن جي لاءِ افغانستان ۾بندوبست ڪري.
