واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي تحفظ لاءِ ويڪسين تيار ڪندڙ آمريڪي ڪمپني فائزر دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا ويڪسين جي ٽين خوراڪ ڊيلٽا قسم کان به بهتر نموني اثرائتي ثابت ٿي آهي، تحقيقاتي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽين خوراڪ سڄي دنيا ۾ متاثر ڪندڙ ڊيلٽا وائرس کان به بهترين تحفظ فراهم ڪري پئي.
