اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي طبيعت ۾بهتري اچي رهي آهي، آڪسيجن سيڪيوريشن ليول96 تائين پهتي، جڏهن ته ڪنگهه به گذريل ڏينهن کان گهٽ هئي، ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ نگراني هيٺ رکڻ جو فيصلو ڪيو،ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ گهر منتقل ڪيو ويندو، هوڏانهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سيرينا عيسيٰ به علاج هيٺ آهي، سندس طبيعت به بهتر ٿي رهي آهي.
