لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شر يف چيو آهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، مهرباني ڪري ماسڪ پايو ۽ ويڪسين لڳرايو،ان سان ئي محفوظ رهي سگهو ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي چوٿين لهر جي صورتحال اوهان آڏو آهي،احتياط کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
