113

ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو سينيئر اڳواڻ قومي اسيمبلي جو ميمبر احسن اقبال هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ پاڻ کي قرنطينا ڪري ڇڏيوآهي، هن چيو ته عوام کي اپيل آهي ته منهنجي جلد صحتيابي لاءِ وڌ کان وڌ دعا ڪن، ماڻهو ماسڪ پائين ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪن ۽ پاڻ کي بچائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو