جده (ويب ڊيسڪ) ٽن فٽبال اسٽيڊيمز کان وڏو بحري جهاز سفر تي روانو ٿي ويو آهي، بحري جهاز تي سفر کان اڳ مسافرن کي 14 ڏينهن جو قرنطينه ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ هو سفر تي روانا ٿيا، جهاز جده کان اردن ۽ پوءِ مصر جو سفر ڪندو، ايم ايس سي بليسيما بحري جهاز ۾ ساڍا 4 هزار مسافرن جي گنجائش آهي، جڏهن ته سياحن جي دلچسپي لاءِ جهاز ۾ سوئمنگ پولز، جم، ريسٽورينٽس ۽مال رومز موجود آهي.
