ليکڪ: عبدالواجد مھر
ڪورونا وبا جھڙي ريت سموري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو گڏوگڏ پاڪستان ۾ به ان وبا جا ناڪاري اثر پيا ۽ پنهنجا پيرا کوڙي ڇڏيا اھا خطرناڪ وبا دنيا مان ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، ان وبا ۾ دنيا جي تمام وڏي اڪثريت ڪورونا سبب لڳندڙ لاڪڊائون ۾ چڱن ڀلن ڪاروبارن انڊسٽرين ۽ اسڪولنگ سسٽم کي تباهي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پر گڏوگڏ عام ماڻهن جي ننڍن ڪاروبارن کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ان وبا سموري دنيا ۾ تعليم جو تمام وڏو نقصان ڪيو اسڪول ويندڙ ٻارڙا به گھرن ۾ رھي پڙهڻ کان قاصر رھيا، طرقي يافتا ملڪن ۾ ته تعليم جا آنلائن تمام سٺا انتظام ڪيا ڪيا ويا پر پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ غريبن جا ٻار سھولتن جي اڻھوند سبب پڙهڻ کان قاصر رھيا، جنهن سان نه صرف ٻارن پر اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونورسٽين جو به وڏي پيماني تي نقصان ٿيو، جنهن سان انھن ادارن ۾ ملازمت ڪندڙ طبقو ڏاڍو مفلوج ٿيو، اڪثر ادارن خاص ڪري پاڪستان ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪندڙ طبقو پنهنجيون نوڪريون وڃائي ويٺو، ھاڻي پاڪستان ۾ به دنيا جيان آن لائن ڪاروبار ڪرڻ ان جي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ ھر پٺتي پيل علائقي ۾ تعليم جديد ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ عام سماج عام ماڻهن کي به گھرجي ته ان وبا کي ختم ڪرڻ حڪومتن جو ساٿ ڏين ۽ ڪورونا جي ويڪسين ضرور لڳرائن جيئن اسان ان وبا کان ۽ وبا سبب پيدا ٿيندڙ وڌيڪ نقصانن کان بچي سگھون.