152

تعليمي نصاب ۾ مادري ٻوليءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ضرورت…!!

ليکڪ: راجا مزمل خاصخيلي

تعليم جو تعلق سڌيءَ ريت فردن ۽ معاشري سان ھوندو آھي، جيئن معاشري ۽ فردن جون ضروري گھرجون ۽ وسيلا بدلجندا رھندا آھن تيئن تعليم جو مفھوم به پنھنجو تصوراتي بدلاءَ ڪندو رھيو آھي، ھر ملڪ ۽ قوم جو تعليمي فلسفو اتان جي رسم ۽ رواج، مذھبي عقيدن ۽ اتان جي تاريخي ورثي کي نظر ۾ رکي مرتب ڪيو ويندو آھي، ملڪ ۽ قوم جي ترقي اعليٰ ۽ معياري تعليمي ڍانچي تي ٻڌل ھوندي آھي ۽ ان ڍانچي جو بنياد به قومي تعليمي پاليسي ۽ نصاب سان ٺھندو آھي، ان نصاب تحت نه رڳو قوم جي ٻارن ۾ ڌرتي ۽ قوم جي تاريخي پس منظر کي عام ڪيو ويندو آھي پر ان تعليمي نصاب وسيلي قوميت جي جذبي، سالميت، حصول جي مقصد ۽ انھن جي زندگي جو مقصد به بيان ڪيو ويندو آھي ته جيئن انھن ٻارن کي معلوم ٿئي ته انھن کي پنھنجي زندگي جو ايندڙ سفر ڪھڙين راھن تي ھلي طئي ڪرڻو آھي، جنھن لاءِ تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ اوس تبديليون ڪرڻيون ھونديون آھن، بھترين ۽ معياري تعليمي نصاب ئي تعليمي معيار جي بھتري جي بلندي جو ضامن ھوندو آھي، بھترين نصاب مان مراد اھڙو نصاب جيڪو قومي ۽ بين الاقوامي ضرورتن ۽ تقاضائن تي پورو لھڻ جي اھل ھجي ۽ جيڪو عين وقت لچڪدار ۽ جمود جو شڪار نه ھجي، ترقي يافتا ملڪ جديد دور جي سڀني تقاضائن کي سامھون رکندي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد دور جي سڀني سھولتن کي پنھنجي درسگاھن، اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت تعليمي ادارن ۾ بھتر نموني فراھم ڪري رھيا آھن، ٻين ترقي يافتا ملڪن جو مثال وٺون ته اُن ۾ چين جو مثال نمايان آھي. چين جي ترقي جو راز اڪثر معياري ۽ مضبوط تعليمي نظام ٻڌايو ويندو آھي، ڇو ته چين جي ھر علائقي ۾ مھيا ٿيندڙ تعليم انھن جي مادري زبان ۾ ڏني ويندي آھي، جنھن سبب اتان جو  نئون نسل بھتر انداز ۾ سکڻ وارو مرحلو پار ڪري رھيو آھي ۽ اھو ئي تعليم جو بھتر نظام چين جي معاشي ترقي جو خاص ۽ بنيادي سبب بڻيو آھي، سڄي يورپ روس ۽ آمريڪا سميت تمام ملڪن ۾ انھن جون تيار ٿيل شيون فروخت ٿينديون آھن ۽ انھن بنيادن تي اسان وڌيڪ مشاھدو ڪيون ته چين ھر سال پنهنجي مادري يعني چيني زبان عالمي شاگردن کي سيکارڻ لاءِ لاتعداد اسڪالرشپس به متعارف ڪرائيندو آھي، ان مضبوط تعليمي نظام ۽ معياري تعليم جي فراھمي وسيلي ئي انھن مھذب معاشري جي ماڻھن ۾ شعور جي لاٽ روشن ٿي آھي، ڪيترائي ملڪ تعليمي نظام وسيلي پنھنجون ”معاشي حالتون“ مضبوط ڪري اڄ دنيا تي راڄ ڪري رھيا آھن، اتان جو معياري تعليم جو بنياد بنسبت اسان جھڙن ملڪن کان ڪافي ڀيرا وڌيڪ بھتر آھي، جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ اسين پنھنجون حالتون ڏسون ٿا ته اسان جا ڪافي ادارا سست رفتاري جو شڪار آھن، جيڪڏھن اسان پاڪستان جي تعليمي پاليسي جي ڳالهھ ڪيون ته ھتي ھينئر تائين ڪنهن به اداري يا اختيارين مڪمل طور تي تعليمي پاليسي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪڏھن به ڪو تحرڪ ناھي ورتو ۽ مادري ٻولي جي نصاب تي ٻڌل تعليمي پاليسي لاڳو ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت سميت ماضي جي ڪنھن به سرڪار ڪڏھن به ڪا به ڪوشش ناھي ڪئي، جنھن سبب مادري ٻولي کي فوقيت ناھي ملي سگھي، ڪي پي ڪي جا شاگرد پشتو ۽ ھندڪو وغيرہ ٻوليون ڳالھائين، ٻئي طرف پنجاب جا شاگرد پنجابي ڳالھائين ٿا ۽ بلوچ بلوچي ڳالھائيندا آھن، ھر ھڪ صوبي جا شاگرد پنھنجي الڳ سڃاڻپ ۽ مادري ٻولي رکن ٿا، پاڪستان ۽ سندس پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اھو فقدان ڏسڻ لاءِ مليو ته تعليم مادري زبان ۾ ڏيڻ بدران ٻارن کي پھرين ڏينھن کان انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ھڪ ناڪام ڪوشش ثابت ٿئي ٿي، ھتي جي تعليمي نظام مطابق ننڍي عمر ۾ شاگردن کي پنھنجي مادري ٻولي به درست نموني ڳالھائڻ ناھي ايندي ۽ تعليمي ادارن ۾ اسان وري يڪدم انھن کي انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون، ٻين ٻولين جي نسبت ھڪ ٻار ۾ مادري ٻولي ذريعي ثقافتي ۽ معاشرتي ماحول جي تفصيلن کي وڌيڪ ڪاميابي سان گڏ بيان ڪرڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آھي پر شاگردن جي ذھانت جو استحصال ڪندي اسڪول ۾ شاگردن سان انگريزي ۾ ڳالھايو يا سوال جواب ڪيو ويندو آھي ته ان ٻولي ۾ جواب يا ڳالھائڻ نه اچڻ سبب ان شاگرد جي خوداعتمادي حد درجي تائين گھٽجي ويندي آھي ۽ سکڻ جو حوصلو به برقرار رھي ناھي سگھندو، جنھن سبب شاگرد ۾ ھڪ نه ختم ٿيندڙ خوف جنم وٺندو آھي، ٻارن کي پنھنجي ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ سان انھن ۾ علائقائي تھذيب، تمدن، ثقافت ۽ تاريخي ورثن جي شناسائي بھتر انداز ۾ پيدا ڪري سگھجي ٿي، ان ڳالهھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته قوم کي باڪردار، محب وطن ۽ باصلاحيت بڻائڻ لاءِ قومي تعليمي پاليسي ۽ مادري ٻولي تي  ٻڌل نصاب کي ضروري بنيادن تي تعليمي ادارن ۾ عام ڪرڻ نھايت ضروري آھي، انڪري به نصاب جو قومي ٻولي ۾ ھجڻ گھڻو ضروري آھي ته ڪابه ٻي ٻولي ڀلي کڻي ڪيتري به وسيع ۽ ڪشادي ڇو نه ھجي اھا قومي ٻولي جي متبادل نٿي ٿي سگھي.ارڙھين ترميم تحت صوبن کي اختيار آھن ته ھو پاڻ پنھنجو صوبائي تعليمي نصاب جوڙي سگهن ٿا، ان ڪري ارڙهين ترميم ۾ ڏنل اختيار کي استعمال ڪندي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته نصاب کي مرتب ڪرڻ وقت انهن ڳالهين جو خاص ڌيان رکڻ گهرجي ته اسان جي آبادي جو مجموعي شعور ڇا آھي؟ ڇا رائج نصاب شاگردن جي عمر جي لحاظ کان انھن جي ذھني صلاحيتن جي عين مطابق آھي؟ ڇا نصاب قومي جذبن ۽ ضرورتن جي تقاضائن سان ھم آھنگ آهي؟ جيستائين اسان جي تعليمي ادارن جو نصاب شاگردن جي ذھني صلاحيتن جي مطابق نه ھوندو، تيستائين نئين نسل جي بھتر انداز ۾ تربيت جو خواب صرف خواب ئي رھندو، قومي پاليسي تحت مادري ٻولي تي ٻڌل نصاب ذريعي تعليم کي لاڳو ڪرڻ جو ھڪ مقصد صاف ظاھر آھي ته قوم جي ٻارن کي ان پاليسي تحت تعليم فراھم ڪئي وڃي، جنھن جي تقاضا ملڪي عوام ڪري ٿو، انڪري سرڪار ۽ تعليم سان لاڳاپيل اختيارين کي گھرجي ته شاگردن جي سڀ کان اھم ۽ بنيادي گھرج مطابق نصاب کي مادري ٻولي جو روپ ڏئي ۽ جديد دور جي تقاضائن کي سامھون رکندي نصاب جي تياري کي ھڪ مرحليوار عمل سان جوڙيو وڃي ته جيئن تعليمي ميدان ۾ گھربل ڪاميابيون ماڻي سگھجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو