ليکڪ: طفيل مگسي
چين ۽ روس نهايت تيزي سان اڀري تمام وڏي خطري جي شڪل اختيار ڪري رهيا آھن، جنهن سبب يورپ جو ننڊون ئي حرام ٿي ويون آهن ته ڪيئن انهن ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ طاقت کي محدود ڪجي، ايستائين جو يورپ انهن وڌندڙ ٻنهي ملڪن جي طاقت واري خوف ۾ مبتلا ٿي رهيو آھي، چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان منهن ڏيڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ انهن کي چيلينج ڪرڻ، انهن سان ٽڪر کائڻ، انهن کي خاص حد تائين روڪي رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ؟ ڇا صرف معاشي مامرن ۾ ڪو وڏو قدم کڻي ڪري انهن ٻنهي طاقتن کي دٻائي سگهجي ٿو؟ اهي سمورا سوال يقينن ويچار طلب آھن، ڇاڪاڻ ته انهن جي درست جواب جي شڪل ۾ ئي يورپ کي پنهنجي طاقت برقرار رکڻ جو ڪو گس ملي سگهي ٿو، آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا چين کي روڪڻ لاءِ جيڪي اقتصادي پابنديون هنيون هيون انهن کي چيني قيادت هڪ ڌڪ ۾ رد ڪري ڇڏيو آھي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن چين واري مامري تي ڪجهه گهڻو ئي جذباتي نظر اچي رهيو آهي، چيني قيادت به محسوس ڪري ٿي ته جيڪڏھن هو گهربل حد تائين جذباتي نٿو ٿئي ۽ ڪنهن به قدم جو فورن جواب نه ڏنائين ته هن جو اڳتي وڌڻ مشڪل ٿي ويندو ۽ اھوئي سبب آھي ته چين ڪنهن به قدم جو فوري جواب ڏيڻ ۾ سستي يا ڍر نٿو ڪري، چين جي صوبي سنڪيانگ جي مسلمانن جي حقن جي ڀڃڪڙي وارن الزامن جي بنياد تي ڪميونسٽ پارٽي جي چئن هيٺين درجي جي عهديدارن کي مقرر ڪري انهن کي مغربي دنيا جي دورن کان روڪيو ويو آھي ۽ مغرب ۾ ملڪيتون رکڻ تي پڻ پابندي وڌي وئي آھي، ان جي بدلي ۾ چين به مغربي دنيا جي قانون ٺاھيندڙن کي پاڻ وٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، جنهن ۾ برطانيا جي دارالعلوم پرڏيهي مامرن جي ڪميٽي جو سربراهه، جرمن پارليامينٽ جو ميمبر ۽ فرانس جو سوشلسٽ پارليماني ميمبر پڻ شامل آھن، انهن قدمن جي جواب ۾ فرانس چيني سفير کي احتجاجن گهرايو ته جيئن ان کان مختلف مامرن تي وضاحت طلب ڪئي وڃي، جيڪو ڪجهه چين ۽ مغربي دنيا ۾ ٿي رهيو آھي، ان سان چين ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي معاهدي جي واڌ جا امڪان محدود ٿي رهيا آھن، 2020ع جي پڇاڙي تائين ان معاهدي کي ڌرين لاءِ غير معمولي ڪاميابي قرار ڏنو ويو هو پر هينئر مامرو خراب چڪو آھي، چين هينئر تائين يورپي ملڪن جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا آھن.اهي درست ثابت ٿيا آھن، ڇوته برطانيا، فرانس ۽ جرمني کي محسوس ٿيو آھي ته انهن کي خطرناڪ حالتن ۽ واقعن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، ٻئي پاسي آمريڪا هينئر تائين اهوئي ثابت ڪيو آھي ته هو چين جي مامري ۾ چٽي اپروچ اختيار ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي صدر جوبائيڊن چين ۽ روس جي حوالي سان ڪا به ڳالهھ لڪ ۾ ناهي ڪئي، هن ٽي وي تي روسي صدر پيوٽن کي قاتل سڏيو آھي ۽ چيني صدر شي جن پنگ کي دوکيباز پڻ قرار ڏنو آھي، آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ جي حوالي سان سوچڻ وارن جي پليٽ فارم”دي ايٽلانٽڪ ڪائونسل“ هاڻي ”لانگر ٽيلي گرام“ڇاپيو آھي، جنهن ۾ چيو ويو آھي ته جيڪڏھن چين ۽ روس سان بهتر طور منهن ڏيڻو آھي ته جاپان، آسٽريليا ۽ ڀارت سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻو پوندو، گڏوگڏ ان ڳالهھ تي پڻ زور ڏنو ويو آھي ته جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جا اختلاف گهٽائڻ ۽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ کپي ته جيئن اهي ٻئي ملڪ گڏجي مغربي دنيا ۽ واشنگٽن جو ساٿ ڏين، ان کان سواءِ ”دي ايٽلانٽڪ ڪائونسل “جي انهي مضمون ۾ آمريڪا تي زور ڏنو ويو آھي ته اهو روس سان مامرا درست ڪرڻ تي ڌيان ڏئي، اهو سڀ ڪجهه حقيقت ۾ ان لاءِ آھي ته چيني ۽ روسي حڪومت ئي نه پر حڪومتي نظام کي به تبديل ڪيو وڃي، حقيقت اها آھي ته چين هينئر يورپ لاءِ آمريڪا کان وڏي منڊي آھي، ايڪويهين صديءَ ۾ جرمني جي ٻن چانسلر گيرها شروڊر ۽ انجيلا مرڪل جمهوريت کي واڌ ڏيڻ لاءِ لبرل نظام جي وڏي آئيڊيل کي چين ۽ روس لاءِ برآمدات وڌائڻ تي قربان ڪري ڇڏيو، پولينڊ جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير راديڪ سڪورسڪي جيڪو هينئر پارليامينٽ جو ميمبر آھي ويجهڙائي ۾ هڪ مقالو ڇاپيو آھي، جنهن ۾ ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو آھي ته يورپي يونين کي چين طرفان هلائڻ واري غلط بياني واري مهم ۽ مڙھيل بيانن جي خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ کپي، راديڪ سڪورسڪي جو ڳاڻيٽو يورپ جي قانون سازن ۾ ٿئي ٿو جيڪو پرڏيهي پاليسي ۽ چين سان لاڳاپن جي حوالي سان غير معمولي ۽ بيباڪي تي ٻڌل خيالن جو مالڪ آھي، هن جو اهو به چوڻ آھي ته يورپي يونين جي ڪميشن 2019ع ۾ چين کي مختلف معاشي مفادن جو مالڪ هئڻ جي باوجود هڪ سٺو شريڪدار قرار ڏيڻ وارو جيڪو موقف اختيار ڪيو هو اهو هينئر تائين بيڪار ٿي چڪو آھي ۽ چين کي هڪ ڪٽر دشمن جي طور تي ڏسڻ گهرجي، مغربي طاقتون چين جي پاليسي ۾ ظاھر ٿيڻ وارين تبديلين تي ڳوڙھي نظر رکي ويٺل آهن، انهن جي خيال ۾ چين هوريان هوريان پنهنجين پاليسين ۾ اهڙيون تبديليون آڻي رهيو آھي جن کي ڪهڙي به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، هو ڪنهن به مامري ۾ پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، هن جي ڀرپور ڪوشش آھي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان معاشي معاملن کي وڌ کان وڌ مفادن جي نقطئه نظر کان يقيني بڻائڻ وارو رستو ورتو وڃي، هو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان يورپ ۽ آمريڪا جي تنقيد کي ڌيان جي لائق ئي نٿو سمجهي، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي حوالي سان هن جيڪو رويو اختيار ڪيو آھي ان مان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته هو هاڻي ڪنهن به سطح تي ويڙھه وارو چيلينج قبول ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آھي، ڪافي ملڪن ۾ ميگنٽسڪي قانون هاڻي چيني رهواسين تي لاڳو ٿين ٿا ۽ انهن قانونن جو بنيادي مقصد اهو آھي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ٻين ڏوھن جي بنياد تي چين ۽ روس جي ناپسنديده شخصيتن کي مغربي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي، انهن ئي قانونن جي مدد سان روسي صدر پيوٽن جي اهڙن ايجنٽس جي آمريڪا ۾ داخلا بند ڪئي وئي آھي جيڪي اهم شخصيتن تي قاتلاڻا حملا ڪن ها، ساڳيوئي مسئلو برطانيا جو پڻ آھي، هتي هڪ اهم سوال اهو به آھي ته اهڙن قدمن سان مغربي يونين جو ڪجهھ ڀلو ٿيندو يا چين کي نقصان پهچي سگهندو؟ اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر اڄڪلهه دنيا ۾ ميڊيا جي محاذ تي ويڙھه کي تيز ڪرڻ واري خيال کي ساراهيو پيو وڃي، جڏھن ته آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ اھا ويڙھه ڪجهه عرصي کان جاري آھي پر ان ۾ اھا تيزي ناهي آئي، جنهن بابت ماڻھو سوچي رهيا هئا، هاڻي ائين لڳي ٿو ته آمريڪي قيادت سوشل ميڊيا ذريعي ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکيو آھي، هتي اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي خاص اهميت رکي ٿو ته ڇا مغربي ۽ خاص ڪري يورپي جمهوريتون ايتريون ئي بيوس ٿي ويون آھن؟ ڇا اهي هاڻي چين جي خلاف ڪجهه به ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن رهيون؟ هڪ اهم رٿ اها به آھي ته روس ۽ چين جا جيڪي سياستدان غير معمولي اثر رسوخ جا مالڪ آھن ۽ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ تهذيب تي اثرانداز ٿين ٿا، انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي منظم مهم هلائي وڃي، چين ۽ روس جا جيڪي سياستدان مغربي جمهوريت خلاف غلط بياني تي ٻڌل سوشل ميڊيا مهم هلائڻ جا ذميوار آھن، انهن کي خاص طور تي نشانو بڻائڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي آھي، مغرب ۾ چيني صدر شي جن پنگ خلاف ميڊيا مهم جي ڳالهھ تي وڏو زور ڏنو پيو وڃي ۽ آمريڪا ۽ يورپ چاهين ٿا ته چين ۾ لبرل ڊيموڪريسي کي هٿي ڏني وڃي، اهڙي صورتحال ۾ اهو لازم ٿي ويو آھي ته ان خلاف به سوشل ميڊيا تي طاقتور ترين مهم هلائي وڃي، هاڻي سوال اهو آھي ته ڇا يورپي يونين ۾ برطانيا وٽ ايتري طاقت آھي ته چين ۽ روس خلاف ميڊيا تي ڪا طاقتور مهم هلائي سگهن، هينئر تائين واري تجربي مان اها ڳالهھ نهايت چٽي ثابت ٿي چڪي آھي ته انهن ٻنهي وٽ مامرن کي بگڙجندو ڏسي هٿ مهٽڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي رهيو، جنهن جو بنيادي سبب اهو آھي ته جرمني کي گڏ کڻڻ کانسواءِ ڪجهه به ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو، جڏھن ته جرمن وارو مامرو اهو آھي ته ان جون سموريون پارٽيون چاهين ٿيون ته في الحال چين ۽ روس جي مامرن ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ۽ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جيڪو سڌوسنئون ٽڪراءَ ڏانهن وٺي وڃي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته يورپي يونين ۽ برطانيا کي في الحال روس ۽ چين خلاف ڪا خاص مدد نٿي ملي سگهي، برطانيا ۽ باقي يورپ جيان جرمني کي به پنهنجا معاشي مفاد عزيز آھن، ان ڪري هو چين سان ائين ڪجهھ به ڪرڻ نٿو چاهي، جنهن سان هن جي برآمدات متاثر ٿئي ۽ سرمائيڪاري کي هاڃو رسي، هن وقت جرمني قيادت جي ڪوشش آھي ته معاشي مامري کي سياست جي قربان گاهه تي قربان نه ڪيو وڃي، سياسي نظام جي آئيڊيلز کي مضبوط بڻائڻ جي نالي تي معاشي مامرن کي بربادي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪا به ڪوشش جرمن قيادت کي نٿي سونهين. صورتحال جي نزاڪت کي ڏسندي اهو اندازو هڻڻ مشڪل ناهي ته يورپي يونين ۽ برطانيا کي هينئر ڪجهه ٻيو سوچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهي جرمني جي رحم ڪرم تي چين ۽ روس خلاف ڪا وڏي مهم نٿا هلائي سگهن، ان ڪري ٻنهي کي آمريڪا سان گڏجي ڪجهھ ڪرڻو پوندو، آمريڪا جون پنهنجيون مشڪلاتون ۽ مجبوريون آھن،آمريڪا ۽ يورپ کي هن وقت چين ۽ روس خلاف جيڪي ڪجهه به ڪرڻو آھي، ان ۾ دانشمندي جي دامن کي به ناهي ڇڏڻو.