ليکڪ: حبيب مرکنڊ
ڏٺو وڃي ته مرد ۽ عورت معاشري جا ٻه بنيادي ۽ اهم جز آهن، هر فرد پنهنجي ڪردار، شخصيت، ذھن ۽ اخلاق ۾ ھڪ مڪمل ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿو پر ان جي حيثيت ۽ شخصيت ۾ نکار پيدا ڪندڙ ۽ تعمير ۽ تشڪيل ڪرڻ واري هستي ”عورت“ آهي. ھن ايڪيھين صديءَ جي جديد دؤر ۾ به اھو تمام وڏي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا ان ۾ ڪجهه اڻ گھريل حالتن ۽ عجيب سببن جي ڪري عورت اڄ به پٺتي پيل آهي، اهو به ڪو زمانو هو جو عورت کي وڏي اهميت حاصل هئي ۽ ان جي ھلي اچڻ سان خون به معاف ڪيا ويندا هئا پر هاڻي عورت تي سڀ کان شروعاتي ظلم ان جي ڄمڻ سان ئي ان مٿان ڪيو ويندو آهي، سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي پئي وڃي، ملڪ ۾ عورتن جي تحفظ جا بل ته پاس ٿيل آهن پر ان جي باوجود به اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ عورتن توڙي نياڻين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ مشڪل بڻيل آھي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي اوترو گھٽ آھي، عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا ڀيانڪ واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جيڪي انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا آهن، ڏٺو وڃي ته اها عورت جيڪا پنهنجي اندر جي ڳالهه آساني سان بيان نه ٿي ڪري سگهي، جنهن جي زندگي جي ڪا ضمانت ناهي، جيڪا دردن، ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀريل زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، اهڙي عورت ڪهڙي زندگي سڪون سان گذاري سگهي ٿي؟ اسان وٽ اڄ ڪلهه عورت وڪامي رھي آھي ۽ عورت جنهن کي ڪارنهن جي تهمت هڻي انسان پنهنجي رسوائي مٽائڻ، نالي ماتر عزت ۽ آبرو کي برقرار رکڻ، زمين، ڌن ۽ دولت پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ قتل ڪري ٿو ۽ ڪاري ڪري مارڻ يا غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ تمام پراڻو آهي، سنڌ ۾ ڪو به ڪنهن به مرد يا عورت جو قتل ڪري ٿو ته ته اھو دعويٰ ”غيرت جي نالي تي مارڻ“ جي ڪندو آهي. اسان وٽ عورتن جي ڪاري هجڻ وارا واقعا ته هن سماج لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، عورتن جي بي رحمي واري موت سماج کي عورتن جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻائي ڇڏيو آهي.عورتن تي تشدد اسان جي سماج جو انتهائي ڏکوئيندڙ سانحو آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي تشدد گهر ۾ منفي روين سان شروع ٿئي ٿو. ڪيترائي ماڻھو سمجھن ٿا ته تشدد جو مطلب آھي، جسم کي زخمي ڪرڻ، تشدد رڳو جسماني نه پر ذهني طور تي به ٿيندو آھي، عورت جيڪا هڪ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ آهي پر اڄڪلهه تقريبن هر گهر ۾ عورتون گهريلو تشدد جو شڪار ٿي رهيون آهن، عورتن تي ٿيندڙ تشدد نه صرف هڪ ناانصافي آهي پر هڪ ڏوهه سان گڏوگڏ انساني حقن جي ڀڃڪڙي به پڻ آهي، تاريخ ظاهر ڪري ٿي ته اسلام جي آمد کان اڳ جتي مرد ۾ ڪيتريون ئي برائيون موجود هيون، سڀ کان نمايان ۽ شرمناڪ ڳالهه اها هئي ته عورت کي سماج ۾ جڳهه نه هئي، ان کي فقط هڪ غلام جي برابر سمجهيو ويندو هو، جڏهن حضور اڪرم صه کي چاليهه سالن جي عمر ۾ نبوت ڏني وئي ته پاڻ پهريان عورتن جي اصلاح تي خاص ڌيان ڏنو ۽ انهن کي دنيا لاءِ مثال بڻائي پيش ڪيو ۽ مردن وانگر عورت کي به عزت، وقار ۽ بنيادي حقن سان گڏ سماج ۾ هڪ اعليٰ مقام ڏنو، هڪ سرڪاري رپورٽ جي مطابق هر ٽن پرڻيل عورتن مان هڪ کي گھريلو تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، عورت لاءِ هٿ مٿي کڻڻ مردانگي نه پر هڪ ذهني بيماري آهي يا نفسياتي مسئلو آهي، عورت هڪ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ زال جي روپ ۾ هوندي آهي. هن بدبودار سماج ۾ ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن ڪو مرد ڪنهن ٻئي مرد سان بدسلوڪي ڪري ٿو ته هو پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ تي بدزباني ڪري ٿو، مردن جو اھو شان ھرگز ناھي ته عورتن سان بدسلوڪي ڪري پر عقل فھم، علم ۽ دانش وارو مرد اھو ئي چئبو جيڪو پنھنجي چوڌاري سماج ۾ ۽ پنھنجي خاندان ۾ پنھنجي عورتن کي نه صرف برابر جا حق ڏي پر سندن علمي، عملي، سماجي، اخلاقي، عقلي، ذھني ۽ حياتياتي نشونما ۽ پرورش به ڪري، اھي سڀ صلاحيتون عدم تشدد جي ڪري ئي اچي سگھن ٿيون، عالمي ادارن جي اشتراڪ سان اڄ، ڪورونا جي وبا دوران به سٺا پروگرام ترتيب ڏئي انھن مٿان عمل ڪيو ويندو، جنھن سان نه صرف شعور وڌندو پر عورتون به خود مختياري طرف اينديون، جيڪو ھن صديءَ جو گڏيل قومن جو ھڪ خواب پڻ آھي، سوچڻ گھرجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته پوءِ ماءُ جي محبت ڪٿان ملي ها؟ ۽ ڀيڻ جو سهارو ڪٿان ملي ها؟ سماج ۾ عورتن جي اهميت کي کليل دل، کليل ذهنن سان تسليم ڪرڻ جي سخت ضروت آهي. جيڪي عورتن تي ظلم ڪن ٿا، انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ۽ قانون کي سنجيدگي سان عورتن کي تحفظ ڏيڻو پوندو، ڇوته ان عورت بغير ترقي واري ھن صديءَ ۾ اھا آدرش ۽ ترقي اڌوري نه پر ناممڪن بڻجي ويندي.