ليکڪ: جي ايم گاڏهي
مون اسڪول جي زماني ۾ هڪڙي فلم ڏٺي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪڙو وڏو ڪو صنعتڪار آهي جيڪو اسيبميلي چونڊن لاءِ اليڪشن ۾ فارم ڀرائي ٿو، غريب ڏتڙيل ماڻهن جي ڳوٺ ۾ پاڻ کي کٽرائڻ لاءِ ووٽ وٺڻ لاءِ اسٽيج ٺهرائي تقرير ڪري ٿو، پنهنجي شاهاڻي خطاب ۾ چوي ٿو ته مون کي ووٽ ڏيو اسيمبلي ۾ پهچان پوءِ اوهان جي حقن لاءِ وڙهندس، اوهان جي علائقي مان بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جيڪي اوهان جي علائقن ۾ ناسور بڻجي چڪيون آهن انهن جو علاج ڪري انهن شين کي ختم ڪندس ته اتي ئي هڪڙو انگ اگهاڙو جوان هوندي به هڏڙن جي مٺ جهڙو پيٽ بکايل انسان اسٽيج تي چڙهي ان دولتمند ٿلهي متاري اميدوار جو ڳلو پڪڙي ان کي چوندو آهي ته هتان چونڊجي وڃڻ کانپوءِ اوهان اسان لاءِ ڇا ڪندئو ته هو ساڳيا لفظ ورجائيندو آهي، اهو بکايل انسان ان ٿلهي متاري کان سوال ڪندو آهي ته اوهان جيڪي شيون اسان جي علائقن مان ختم ڪرائيندا جيئن بک ۽ بدحالي آهي انهن کي اوهان اکين سان ڏٺو آهي ته هو جواب ۾ چوندو آهي ته نه، انگ اگهاڙو انسان ريشم جهڙي ويس پهريل انسان کان پڇندو آهي ته جڏهن توهان اهي شيون سامهون گذرندي ڏٺيون ئي نه آهن ته اوهان انهن کي ڪيئن ختم ڪندا، سو اهو سچ آهي ته اسان وٽ جيڪي اقتدار ۾ اچن ٿا انهن به اهي شيون ڏٺيون ئي نه آهن، بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي انهن وٽ ڪڏهن مهمان ٿي به نه آئي آهي ته انهن کي ڪهڙي خبر ته بک جو رنگ ڪهڙو ٿيندو آهي، مهانگائي ڪهڙي بلا آهي، اهي ڇا ڄاڻن ته انهن شين مان، تڏهن ئي ته حڪمران به چون ٿا ته ڪٿي آهي مهانگائي هو به سچ پيا چون، هت وفاقي حڪومت انهن جا وزير ۽ مشير سڀ عيش عشرت واري زندگي پيا گذارين، نه هنن ڪڏهن پنهنجي هٿن سان اٽو ورتو نه وري ڪڏهن ڪا ڪينسر جهڙي مرض جي دوا ورتي ۽ نه وري ڪڏهن انهن جي گهرن اندر سائي جو مرض داخل ٿيو، هو سائي جو علاج ڪرائين ته انهن کي خبر پوي ته سائي جو علاج ڪيترو مهانگو آهي، سائي ته وري به پورهيت جي ٻچي کي ۽ ان جي جوان زال کي پڪڙ ڪري ٿي، ڇو ته هن وٽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به ميسر نه آهي، سو ڳالهه پئي هلي مهانگائي جي مهانگائي جو لفظ موجوده حڪمرانن جي زبان تي ئي نه ايندو آهي ته ان تي هو ڀلا غور ويچار ڪن به ته ڇو ڪن، غربت ۽ مهانگائي غريبن جو مسئلو آهي، غريب وڃي پاڻ پنهنجا مسئلا حل ڪن، باقي حاڪمن جو ڪم آهي ته حڪومتون ڪهڙي حرفت سان هلائجن وزير ۽ مشير ٿيڻ لاءِ ڪهڙا پيچرا وٺڻا آهن ڪنهن کي ڪيئن هارائڻو آهي، حڪومتون هلائڻ لاءِ ڪنهن جا پير ڪيئن ڪڍڻا آهن، باقي حڪومت وٺڻ لاءِ ووٽ ته انهن جي کيسن ۾ پيل هوندا آهن، سو راڄ ڀاڳ وٽ وڃڻ جي ضرورت به ڪهڙي يا انهن وٽ وڃي انهن جا ڏک سور پهچڻ جي ضرورت به ڪهڙي، باقي سياست ڪرڻ ۽ اسيمبلي ۾ پهچڻ جا گر ته هو اڳ ئي سکي وٺندا آهن. اڄ تائين جيڪي به چونڊجي آيا آهن غريب جو ڀرجهلو نه ٿي سگهيا آهن، پر موجوده وفاقي سرڪار ته غريبن جي ڪنن مان ٺڪا ڪڍي ڇڏيا آهن، پيٽروليم مصنوعات جون شيون هر آئي ڏينهن وڌي رهيون آهن، جڏهن ته موجوده وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه ۽ کنڊ جا اگهه به روزانو وڌائي رهي آهي، جڏهن ته انساني زندگي بچائيندڙ دوائن جا اگهه به 500 سيڪڙو تائين وڌي ويا آهن، جنهن سبب جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ته هو دوا خريد به نه ڪري سگهي، ان کانسواءِ عام واهپي جون شيون گوشت، مڇي ۽ سبزين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جنهن سبب غريب ۽ ڏهاڙيدار طبقو خريدڻ واري سگهه وڃائي ويٺو آهي ۽ هو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي زندگي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جو ماريل عوام روڊن تي نڪري اچي.