97

ڪورونا جي وڌندڙ لهر: تڪرار بدران گڏجي قدم کڻڻ ئي سڀني جي مفاد ۾ آهي

ايڊيٽوريل

قاتل ڪورونا پاڪستان کي ڏينهون ڏينهن پنهنجي وڌيڪ جڪڙ ۾ آڻي رهيو آهي، وائرس جي چوٿين لهر ملڪ اندر ڳڻتي جي نئين لهر پکيڙي ڇڏي آهي، جتي عوام پريشانين جو شڪار ٿي ويو آهي، اتي حڪومتون پڻ مونجهاري جو شڪار آهن، وائرس جي مثبت ڪيسن ۾ هر ايندڙ ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، هن وقت سنڌ ڪورونا کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 23 سيڪڙو کان ٽپي وئي آهي جيڪا يقينن خطري جي گهنٽي آهي، حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو کان وڌيڪ مثبت ڪيس هجڻ پڻ الارمنگ صورتحال آهي، اسپتالن تي ڏينهون ڏينهن دٻاءُ وڌي رهيو آهي، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا مريضن جي گنجائش ختم ٿيڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن، خانگي اسپتالون پڻ وڌيڪ مريضن جو بار برداشت ڪرڻ واري پوزيشن ۾ نه آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار طرفان لڳايل لاڪ ڊائون هڪ نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي جانين جي تحفظ جو جواز ڄاڻائيندي صوبي اندر مڪمل لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سختي پڻ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سميت وفاقي سرڪار سنڌ اندر لاڪ ڊائون جي واضح نموني مخالفت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سبب ماڻهو بک مرندا، پاڪستان جهڙن جون حالتون اهڙيون نه آهن جو مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي، ڀارت بنا سوچڻ جي لاڪ ڊائون ڪيو، نتيجا سڀني ڏٺا، جتي وڌيڪ ڪيس هجن اتي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو. وفاقي حڪومت جا وزير پڻ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيو موقف اختيار ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سان معيشت متاثر ٿيندي ۽ بک، بدحالي جو طوفان برپا ٿيندو، ان جي جواب ۾ سنڌ سرڪار لاڪ ڊائون جو دفاع ڪندي نظر اچي ٿي، وڏي وزير ۽ وزيرن جو چوڻ آهي ته سندن لاءِ صوبي جي عوام جي جانين جو تحفظ وڌيڪ اهم آهي، معيشت ماڻهن سان جڙيل آهي، ان ڪري ماڻهن جو جياپو ۽ انهن جو تحفظ ضروري آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ سنڌ حڪومت جي ڍال طور وفاقي سرڪار جي سامهون بيهي ويو آهي، بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته صوبي جي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون جو بهتر فيصلو ڪيو ويو آهي، لاڪ ڊائون نه ڪيو ويو ته صورتحال ويتر خراب ٿي ويندي ۽ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ۾ ٽڪراءَ پنهنجي جاءِ تي پر ڪورونا جي تازي لهر ۽ لاڪ ڊائون عام ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عام ماڻهن جي معاشي ضرورتن جو خيال رکندي سندن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن، روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ان سان گڏ وائرس تي ضابطي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ويڪسينيشن جي عمل کي بهتر بڻايو وڃي. ويڪسينيشن کي گهرن تائين پهچايو وڃي ۽ موبائل يونٽن ۾ اضافو ڪري عام ماڻهو سهولت پيدا ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جياپي جي جهان ۾ ڦاٿل عام ماڻهو ڀاڙا ڀري اسپتالن جا ڌڪا کائڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، اها حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي ته پنهنجي ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ انهن لاءِ آسانيون پيدا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو