فائرنگ 102

چونڊڪو ۾ گهر اندر ننڊ ستل پورهيت کي سؤٽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڌرڻو

چونڊڪو / نارو(ويب ڊيسڪ) سوراهه ٿاڻي جي حد چونڊڪو شهر ۾ گذريل رات دير سان ٿاڻي ڀرسان گهر اندر ننڊ ستل پورهيت 30 سالن جي علي رضا لاشاري کي سڳي سئوٽ امجد علي لاشاري گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويو، مقتول جي وارثن پاران اطلاع ڏيڻ ۽ شهر ۾ فائرنگ ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو ۽ واقعي واري هنڌ لڙي به نه آئي، شهر ۾ خوف جي لهر ڇانئجي وئي آهي، جڏهن ته ٻن ڪلاڪن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول پورهيت جو لاش کڻائي چونڊڪو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، پوليس جي اهڙي عمل خلاف مقتول پورهيت جي وارثن شهر جي مين بس اسٽينڊ تي لاش رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، ان سلسلي ۾ مظاهرين مقتول پورهيت جي پيءُ غلام مصطفيٰ لاشاري، غلام رسول لاشاري، علي قطب چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس ٿاڻو گهرن جي ڀرسان هجڻ باوجود غير محفوظ بڻيل آهيون، رات ديرسان جوابدار امجد علي لاشاري ٻن نامعلوم هٿياربندن کي ساڻ ڪري گهر تي حملو ڪري ڳڀرو نوجوان 30 سالن جي پورهيت کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويو، اسين فوري طور ٿاڻي تي پهچي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنوسين، ٿاڻي تي موجود اهلڪارن ٻڌايو ته ايس ايڇ او آرام ۾ آهي اسين هن وقت ڪجھه نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ناڪابندي ڪري ها ته جوابدار گرفتار ٿي وڃن ها، شهر ۾ هي ٻيو واقعو ٿيو آهي پر پوليس هميشه سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ظالمن اسان وڏو ظلم ڪيو آهي، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايڇ او سوراھ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريندي ڌرڻو ختم ڪرايو، هوڏانهن پوليس مقتول پورهيت جي پيءُ غلام مصطفيٰ لاشاري جي فرياد تي امجد لاشاري ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن سميت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار امجد لاشاري جي پيءُ غلام حيدر عرف بنو لاشاري ڪجھه مهينا اڳ پنهنجي نوجوان نياڻي صائمه لاشاري کي قتل ڪيو هو، ان نياڻي جي خون ۾ لاڙڪاڻي جيل ۾ قيد آهي، امجد لاشاري اسان کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته منهنجي بابا کي جيل مان آزاد ڪرايو، ٻي صورت ۾ اوهان کي قتل ڪندس، اسان کيس جواب ڏنو ته اسين غريب ۽ پورهيت آهيون پئسا ڪٿان آڻيون جنهن ڳالھه تان مڇرجي ظالم منهنجي نوجوان پورهيت پٽ کي قتل ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو