سکر (ويب ڊيسڪ) سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪرونا وگهي ڪنڌڪوٽ جو رهواسي 72 سالن جو حاجي محمد رمضان ولد مانڪ خان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي ايڌي رضاڪارن وارثن سان ملي ڪري ايس او پيز تحت ميت جي تدفين ڪرڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ روانو ڪري ڇڏيو آهي.
