117

لاڙڪاڻي ۾ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ دوران اي سي سان دڪاندارن جي منهن ماري، 3 ڄڻا گرفتار

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ريشم گلي ۾ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ دوران اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ۽ سندس ٽيم سان دڪاندارن جي منهن ماري ٿي ، جنهن دوران حد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس 3 دڪاندارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گرفتار ٿيل بلاول شيخ سندس ڀاءُ غلام محمد شيخ سميت ٽن دڪاندارن مٿان لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اي سي احمد علي سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان دڪاندارن وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي ته پوليس اهلڪار 200 کان 500 روپيا رشوت وٺي من پسند واپارين کي دڪان کولڻ جي اجازت ڏين ٿا، باقي جيڪو رشوت نه ٿو ڏي ان کي دڪان کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن معاملي جو آءِ جي پوليس نوٽيس وٺي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ته بغير ضلعي انتظاميه جي ڪو به پوليس اهلڪارن دڪان بند ڪرائڻ نه ويندو، جڏهن ته مون کي آءِ سي انچارج فون ڪري شڪايت ڪئي ته شاهي بازار ۽ ريشم گلي ۾ سرعام دڪاندار دڪان هلائي رهيا آهن، جنهن تي پوليس ساڻ ڪري ريشم گلي پهتس ته هڪ دڪاندار دڪان کي ٻاهران تالو لڳائي وڃي رهيو هو، مون چيو ته دڪان کولي ڏيکار ته انڪار ڪيو ۽  اسان دڪان جا تالا ڀڳا ته دڪان ۾ 4 نوجوان عورتون ۽ 2 دڪاندار موجود هئا، جن کي مون چيو ته توهان کي شرم نه ٿو اچي جو نوجوان نياڻي کي دڪان ۾ بند ڪري ٻاهران تالا ٿا لڳرائي ڇڏيو، هن چيو ته دڪاندارن مون سميت منهنجي سموري ٽيم سان منهن ماري ڪندي وڏو گوڙ ڪري سڄي علائقي کي گڏ ڪري اسان خلاف نعريبازي ڪرائي، تنهن ڪري ڪيس داخل ڪرايو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو