128

پاڪستان جا عرب ملڪن سان ڀائراڻا ۽ مثالي لاڳاپا آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان جا سمورن مسلمان ملڪ ۽ خاص طور تي عرب ملڪن سان ڀائراڻا ۽ مثالي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان لاءِ عرب پارليامينٽ عرب ملڪن جو گڏيل پليٽ فارم هجڻ جي ڪري نهايت اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان عرب پارليامينٽ ۾ مبصر جي حيثيت سان شموليت لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي جي سربراهي ۾ پاڪستان جو پنج ڏينهن جو دورو ڪندڙ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان عرب ملڪن سان ٻطرفي تعاون ۽ لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. عرب پارليامينٽ جو مجموعي ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته عرب پارليامينٽ عرب ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪندو آهي ۽ پارلياماني رابطا مستقبل جي تعاون لاءِ نيون راهون هموار ڪندا تنهن ڪري مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪڍڻ لاءِ عالمي پارلياماني رابطاڪاري ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان مسلمان امت جي حقن جي تحفظ لاءِ عرب ملڪن سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ خطي جي رابطاڪار کي وڌائڻ لاءِ پاڪستان عرب دنيا سان رابطاڪاري جي قدمن ۽ منصوبن کي اهم سمجهي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته معاملن ۾ بهتري لاءِ عرب پارليامينٽرينز لاءِ قانونسازي بابت تربيتي پروگرام ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. عرب ملڪن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪاري، واپار ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ مدد لاءِ وسيع گنجائش موجود آهي. هن چيو ته اسان پائيدار ترقي تي يقين رکون ٿا ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، رابطاڪاري، حصيداراڻي ترقي ۽ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي ۽ امن جي پيغام تي آهي. عرب پارليامينٽ جي وفد سان ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين جي جائز حق جي حمايت سدائين جاري رکندو ۽ عالمي قانون موجب آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي موقف تي قائم آهيون، محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان مظلوم فلسطينن سان گڏ آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اسرائيلي کي تسليم نه ڪندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطينن وانگر مظلوم ڪشميري به مسلمان امت طرف ڏسي رهيا آهن. فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي جي ڪري عالم اسلام ۽ عرب ملڪن ۾ بي چيني ۽ غصي جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيندو جيڪو خطي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جو ضامن آهي. عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ پاڪستان عرب ملڪن لاءِ انتهائي اهم ملڪ آهي. هن چيو ته اقتصادي ترقي ۽ سماجي خوشحالي اسان جو گڏيل عزم آهي ۽ انهي کي اڳتي کڻي وڌنداسين. پاڪستان جي دوري سان پارلياماني تعاون، اداره جاتي رابطن ۽ گهڻ رخي مدد لاءِ راهون هموار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عادل بن عبدالرحمان العسومي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي عرب پارليامينٽ جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ۽ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته عرب پارليامينٽ ۾ خطاب جي اها دعوت ڪنهن به غير عرب پارلياماني اڳواڻ کي پهريون ڀيرو ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي عرب پارليامينٽ جي صدر جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هو ان عزاز کي پنهنجي لاءِ وڏي خوش قسمتي سمجهي ٿو ۽ جلد پارلياماني وفد سان گڏ عرب پارليامينٽ جو دورو ڪنداسين، ان کانپوءِ عرب پارليامينٽ جي وفد سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ گڏيل سمجهوتي جي يادداشت تي صحيح به ڪئي، عرب پارليامينٽ جي صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا، سينيٽ چيئرمين سان عرب پارليامينٽ جي وفد جي ملاقات دوران سينيٽر ثناءُ جمالي، مولانا عبدالغفور حيدري، نزهت صادق، حافظ عبدالڪريم، فلڪ ناز، پرنس احمد زئي ۽ عابده محمد عظيم به موجود هيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو