126

سنڌ ۾ 7 هزار کان وڌيڪ اهڙا اسڪول سروي هيٺ آهن جيڪي اسان کي بند ڪرڻا آهن: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت 7 هزار کان وڌيڪ اهڙا اسڪول سروي هيٺ  آهن جيڪي اسان کي بند ڪرڻا آهن. ٻن مهينن دوران اسان 2 هزار کان وڌيڪ بند اسڪولن کي جيڪي ماستر نه هجڻ سبب بند هئا کوليو آهي. هن اهڙو اظهار برطانيا ۾ گلوبل ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. پي آر او جي جاري ڪيل پريس رليز موجب سعيد غني چيو ته اسان وٽ 49 هزار اسڪولن ۾ 44 هزار پرائمري اسڪول آهن، جن ۾ نه سائنس جي استادن جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ليبارٽري جي جڏهن ته 17 هزار کان وڌيڪ اسڪول هڪ يا ٻن ڪمرن وارا آهن جتي هڪ ئي استاد هوندو آهي جن سوشل ميڊيا تي چارٽ جاري ڪيو آهي اسين سندن عقل تي ماتم ئي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته صوبي ۾ 46 هزار استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ۽ کين ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي سکر وسيلي ٽيسٽ منعقد ڪرائي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

سنڌ ۾ 7 هزار کان وڌيڪ اهڙا اسڪول سروي هيٺ آهن جيڪي اسان کي بند ڪرڻا آهن: سعيد غني” ایک تبصرہ

  1. مهربان سائين! محترم سعيد غني صاحب جي خبر تي ايرو ئي تبصرو ڪري سگھجي ٿو، ته صاحب فرمايو آهي ته اسان ٻه هزار اسڪول کوليا آهن، بيشڪ اهو سچ ٿي سگھي ٿو، پر جن شهري استادن جي تقريباً ٻه سال ڪابينه کان منظوري وٺي بدليون ڪيون ويون هيون، اهي ڪنهن سزا کان گھٽ ڪين آهن۔ حالت اها آهي ته ڪن هنڌن اسڪولن جون فقط ڀتيون آهن، ته ڪن اسڪولن ۾ ٻار ئي نه آهن ۽ ڪي اسڪول ايڏا هڪٻئي جي قريب آهن، جو انهن اسڪولن جي ضرورت ئي نه آهي۔ امن امان جي مسئلي سان گڏ وڏو مسئلو اهو آهي، انهن بند پيل اسڪولن ڏانهن ڪا سواري ڪو نه هلي۔ خاص طور انهن استادن جون بدليون ڪيون ويون آهن، جن کي ڪا سياسي سفارش نه آهي ۽ وڏي عمر جا آهن ۽ پنهنجي شروعاتي مقرري کان وٺي شهر ۾ رهيا آهن۔

پنهنجي راءِ ڏيو