اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي ديرپا سياسي حل لاءِ ڳالهين کي واحد رستو سمجهي ٿو، پاڪستان فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي پرامن حل جو خواهشمند آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان جي سربراهي ۾ عرب پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. پرڏيهي زير چيو ته عرب پارليامينٽ، ليگ آف عرب اسٽيٽس جو اهم ادارو آهي، پاڪستان جي عرب ملڪن سان گهري وابستگي، هڪجهڙي مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي قدرن جي بنياد تي ٻڌل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي عرب پارليامان جي ميمبر ملڪن سان بهترين ٻه طرفا لاڳاپا آهن، اسان جا وچ اولهه جي ملڪن سان گهرا ۽ ٻه طرفا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان وچ اولهه ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، او آءِ سي جي باني ميمبر هئڻ ڪري اسان امت جي اتحاد ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اقتصادي ترجيحن ۾ رابطن کي هٿي وٺائڻ، تعمير ۽ ترقي ۾ شراڪتداري، معاشي ۽ معاشرتي ارتقا ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون شامل آهن. پرڏيهي وزير عرب پارلياماني وفد کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڀارتي پاليسين سبب خطي جي امن کي درپيش خطرن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان کنيل 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي غير آئيني قدمن جي پرزور مذمت ڪري.
