لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن ڪورٽ العربيه ۽ رمضان شگر ملز ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان انڪوائري بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي. بئنڪنگ عدالت جي جج جي مقرري نه هئڻ سبب مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عارضي ضمانت جو مدو ختم هئڻ تي گذريل ڏينهن ايڊيشنل سيشن جج حامد حسين ڊيوٽي جج آڏو پيش ٿيا. ۽ پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي. جاچ آفيسر طرفان مني لانڊرنگ، شگر ملز ڪيس ۾ نامڪمل رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسان رڪارڊ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت آڏو شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايف آءِ اي طرفان طلبي تي گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت جي درخواست ڏني آهي جنهن ۾ ايف آءِ اي سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيشي تي سيشن ڪورٽ طرفان عدالت جي اڱڻ ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.
