اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بين المذهبي هم آهنگي ۽ وچ اوڀر جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته وڪجهڙو تعليمي نصاب موجوده حڪومت جو اهم ڪارنامو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته هڪ جهڙو تعليمي نصاب حڪومت جو اهم ڪارنامو آهي، مدرسن ۾ ديني تعليم سان گڏو گڏ جديد علم جي پڻ تعليم ڏني ويندي.
