111

سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي 50 ضلعن ۾ پوليو مهم جي شروعات ٿي وئي آهي: نوشين حامد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي 50 ضلعن ۾ سومر کان پوليو مهم شروع ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽويٽ ۾ هن چيو ته 2 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مهم ۾ 1 لک 79 هزار ورڪر حصو وٺي رهيا آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ ۾ پوليو ٽيم جو سهڪار ڪري ۽ ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو