111

وفاقي حڪومت پاران ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ نين پابندين جو اعلان، بازارون رات 8 وڳي بند ٿينديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سڀاڻي کان نين پابندين جو اعلان ڪيو آھي. اين سي او سي جي سربراھھ اسد عمر چيو آھي ته وڌيڪ متاثر شھرن ۾ مارڪيٽون سڀاڻي کان فقط شام 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته مارڪيٽون هفتي ۾ ٻھ ڏينهن بند رهنديون، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ريسٽورنٽ ۾ ان ڊور ڊائيننگ بھ بند ھوندي جڏھن تھ ھوم ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي. اسد عمر موجب نيون پابنديون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين لاڳو ٿينديون. ڪاروبار ھفتي ۾ ٻھ ڏينھن بند رھندو، موڪل ڪھڙي ڏينھن ڪرڻي آھي ان جو فيصلو صوبا ڪندا. اسد عمر چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گنجائش 50 سيڪڙو هوندي ۽ آفيسن ۾ حاضري 50 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو