110

ڪورونا وائرس صورتحال: وڌيڪ 36 مريضن فوت ۽ 1847 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 36 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6057 ٿي ويو آهي جڏهن ته 13107 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1847 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اهڙو اظهار وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 36 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 6057 تائين پهچي وئي آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 13107 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1847 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 14 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5039917 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 387145 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 86 سيڪڙو يعني 333102 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ  325 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 47986 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 46517 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 1434 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 1250 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 97 ڄڻا وينٽيليٽرز تي موجود آهن.  بيان موجب 1847 نون ڪيسن مان 1342 جو تعلق ڪراچي سان آهي جن ۾ ضلع اوڀر 422، ضلع ڏکڻ 339، ضلع ڪورنگي 237، ضلع سينٽرل 206، ضلع ملير 117 ۽ ضلع اولهه 21 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 121، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد 50-50، ڄامشورو 34، نوشهروفيروز 25، ٽنڊوالهيار 22، مٽياري 19، بدين 17، ٺٽو 6، خيرپور، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ 2-2، شڪارپور ۽ ٿرپارڪر 1-1 آهن.  مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو