108

ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون: شاه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير پريميئر ليگ ۾ رانديگرن تي ڀارتي دٻاءُ جي مذمت ڪيون ٿا. اسان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون. ڀارت ڪرڪيٽ جهڙي انٽرنيشنل راند کي سياست جي ور نه چاڙهي. افغانستان ۾ امن جو فائدو ڀارت سميت سڄي خطي کي ٿيندو، گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير  ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ويجهڙ ۾ ئي سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط لکيو آهي. هن خط ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جيڪو موقف اختيار ڪيو اهو ئي موقف جنهن کي پاڪستان گذريل ٻن سالن کان هر فورم ورجائيندو اچي پيو. هن خط جا 2 رخ واضح آهن.هڪ ته دنيا جي آزاد پارليامينٽ اسان جي موقف جي توثيق ڪري رهي آهي، ٻئي طرف هندستان هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آهن جيڪو تاثر جي ابتڙ آهي.  شاه محمود قريشي چيو ته منهنجو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط اوهان آڏو آهن ان مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته اولهه جي دنيا کي آزاد جمهوريتن والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالين جي حوالي سان فڪر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان تاثر ڏئي رهيو آهي ته اهو ان جو اندروني معاملو آهي، پر اهو سندس اندروني مسئلو ناهي. سلامتي ڪائونسل ۾ جڏهن 3 ڀيرا ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آيو ۽ تسليم ڪيو ويو ته ڪشمير مسئلو بين الاقوامي مسئلو آهي جيڪو حل طلب آهي. اسان هر فورم تي ان مسئلي کي اٿاريو، سفارتي ۽ سياسي طور اسان جي ڪوششن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پارليامينٽ ۽ سينيٽ ۾ متفقه قراردادون منظور ٿيون. ان کان علاوه هيومن رائيٽس ڪائونسل جي اجلاسن م هن معاملي کي اٿاريو ويو. شاه محمود قريشي چيو ته اسان ڪشمير جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو