ليکڪ: زين سولنگي
خيرپور ضلعي جي سکر سان ملندڙ بارڊر وارو شهر ٻٻرلوءِ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، شهر جي چوڌاري کجين جا وڏا باغ شهر کي هڪ منفرد سونهن بخشي رهيا آهن ته اتي ئي هن شهر سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون ان جي سڃاڻپ جو سبب آهن، انهن شخصيتن مان هڪ متحرڪ شخصيت جو مالڪ، وڪيل اڳواڻ، سينيئر قانوندان ۽ سياستدان منظور حسين انصاري به آهي، سڄي ضلعي خيرپور ۾ مون ڏٺو آهي ته ڪنهن به وڪيل سان ڪو مسئلو پيش آيو هجي اتي هي ان کان ڪن لاٽار ڪري يا لاتعلق بڻجي خاموش ٿي گهر ويهي رهڻ يا پنهنجي چئمبر تائين محدود رهڻ وارو نه آهي، هي شخص پنهنجي وڪيل ڀاءُ جو مسئلو حل ڪرائي پوءِ سڪون وٺندو آهي، مون ڏٺو آهي ته منظور انصاري هميشه چئلينج کي قبول ڪندو آهي، مڙس ٿي ميدان تي بيهندو آهي، هو حق ۽ سچائيءَ جي بلنديءَ لاءِ ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪندو آهي، هو ڪڏهن به خوف جو شڪار نه بڻيو آهي ۽ نه ڪنهن لالچ ۽ لوڀ هن کي پنهنجي رستي تان ٿيڙيو آهي، سندس شخصيت هميشه حق ۽ سچ، قانون جي پاسداري ۽ سماجي انصاف جي سربلنديءَ وارن عملن سان ڀريل آهي، هو ڪڏهن به پنهنجي وطن جي مٽيءَ کان غافل نه رهيو آهي، هن پنهنجون پاڙون هن ڌرتيءَ سان جوڙي رکيون آهن ۽ کيس ان تي فخر رهيو آهي، منظور انصاري پنهنجي خواب جي تعبير يعني منزل ڏانهن ويندي پوئتي ورڻ جو قائل نه آهي، فطرتي اصول آهي ته انسان عمل جي ميدان ۾ تڏهن ڪاهي پوندو آهي جڏهن هو منزل ماڻڻ چاهيندو آهي ۽ پوءِ ان عمل يا جدوجهد دوران جيڪي سختيون هو برداشت ڪندو آهي اهي سختين جا زنجير نه پر ناز ڪرڻ وارن گلن جا هار هوندا آهن، منظور انصاري جنهن به پليٽ فارم تي رهيو آهي اتي هن پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڻ انسانيت پرست هجڻ سان گڏ هميشه انسانيت جي خدمت ۾ اڳ کان اڳرو رهيو آهي، پنهنجي چئمبر ۾ ايندڙ جونئيرن کي به اهو ئي سبق ڏيندو آهي ته زندگيءَ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ محنت، ايمانداري، امن، برداشت ۽ مطالعي سان ماڻهو اڳتي اچي سگهي ٿو، منظور انصاري هميشه عمل ۽ جدوجهد تي يقين رکندڙ رهيو آهي، سماج ۾ حقيقي ۽ جٽادار تبديليءَ جو قائل هجڻ سان گڏ پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي خاموشيءَ سان ڪندو رهيو آهي، ڪيترن ئي مظلومن جن وٽ فيس جا پئسا نه به هوندا آهن انهن کي مفت قانوني مدد فراهم ڪندو آهي، هو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جو صدر به رهيو آهي، هن جون بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ هڪ بهتر لاڳاپو پيدا ڪرڻ لاءِ ورتل ڪوششون قابل تعريف آهن، منظور انصاري هڪ ماياناز قانوندان هجڻ سان گڏ هڪ حساس دل رکندڙانسان آهي ، کيس محبت ڪرڻ به ايندي آهي ۽ ان جو اظهارڻ به ايندو آهي، مون کي ايتري ڄاڻ ناهي ته هن غزل ۽ گيت سرجيا آهن الائي نه ، ها پر هن جي گفتگو مان ادبي لفظ شاعراڻي انداز ۾ نڪرندا آهن، تڪي طوري خوبصورت انداز ۾ محاورن ۽ سنڌي چوڻين جي استعمال سان مٺي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارو انداز ماڻهو منظور کان سکي، هو وڪيل هجڻ ناتي هميشه مظلوم جي پاسي بيهي ان کي انصاف ڏيارڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي ، هن جي سياست ۾ به گهري دلچسپي رهي آهي ، خيرپور ضلعي جي سياست تي خاص ڄاڻ رکندڙ منظور انصاري جن کي هڪ جامع ڪتاب لکڻ گهرجي ، انهن وٽ بهترين شمارياتي انگن اکرن سان ڄاڻ آهي ، منظور انصاري هڪ فراخدل، سماج سڌارڪ هجڻ سان گڏ مهمان نوازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، فقيري طبيعت سندس سڃاڻپ آهي، دل جو امير آهي، دوستن، فقيرن، مسڪينن تي خرچ ڪري سدائين سرهو ٿيندو آهي، هميشه سماج جي ڀلي لاءِ سوچڻ، تعميري ۽ ترقي پسند سوچ وارو هي کاهوڙي شخص هميشه سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، امن جو سفير هجڻ ناتي هميشه سماج ۾ امن جو پرچارڪ رهيو آهي، هو بنا فرق جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي ويساهه رکندڙ آهي، وڪيل تنظيمن ۾ هن جو هڪ مثبت ڪردار رهيو آهي، اهڙن بهادر ليڊرن کي بار ايسوسيئيشنس ۾ هجڻ گهرجي جيڪي پنهنجي وڪيل ڀائرن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجي سر جو سانگو نه ڪندي ميدان عمل ۾ هجن، مون ته اهو به ڏٺو آهي ته هن مانجهي مڙس کي جڏهن به ڪنهن وڪيل ڀاءُ سڏ ڪيو آهي هن ان کي سڏ ۾ سڏ ڏنو آهي، ڀلي هُن منظور انصاري کي ووٽ ڏنو هجي يا نه هو ڪنهن کان به نه پڇندو آهي ووٽ ڏنو آهي يا نه پر هيءُ فقيري طبيعت رکندڙ داناءُ قسم جو شخص هميشه ٻئي جي ڀلي لاءِ سوچيندو آهي ، هڪ دفعي ڪنهن دوست فون ڪيو ته خيرپور جي ڊي سي آفيس ۾ ڪم آهي مون هن کي چيو ته منظور انصاري سان ملو ، ڪم ٿي ويندو ، هن چيو ته مون منظور انصاري کي ووٽ ئي نه ڏنو آهي ، هاڻ ته شرم ٿو اچي ڪيئن چوان هنن کي ، مون هڪ دفعو ٻيهر هنن کي چيوته هن سان ملو اسان فقيرن جا سلام چئوس ، هو وڏي دل وارو ماڻهو آهي ڪا ڳالهه ئي ناهي ، نيٺ هو دوست به سڌو وڃي ساڻس چئمبر ۾ مليو ۽ پنهنجو مسئلو هن سان شيئر ڪيو ته منظور انصاري گاڏي ڪڍي سڌو ڊي سي آفيس پهتو ، هن دوست جو مسئلو حل ڪرائي هنن کي لنچ ڪرائي ، وڏي پيار پاٻوهه سان موڪليائين، دوست مونکي فون ڪري چيو ته يار! منظور انصاري جوان جو پٽ آهي هن منهنجو مسئلو به حل ڪرائي ڏنو ۽ ايتري محبت ڏني آهي جو مون وٽ لفظ ناهن، هن دوست چيو ته پاڻ دهل دمامن سان منظور انصاري کي پنهنجي فقيري واهيري تي گهرائينداسون، اها ڪامياب ليڊر جي ڪاميابي ليکبي. اها حقيقت به آهي ته جيڪو به ساڻس ملندو آهي اهو سندس مقناطيسي شخصيت جي سحر مان آسانيءَ سان جان نٿو ڇڏائي سگهي . پاڻ بهترين شخصيت سان گڏوگڏ بهترين اڳواڻ آھن . پاڻ وڪيل اڳواڻ جي حيثيت ۾ وڪيل برادريءَ جي ڏاڍي خدمت ڪئي آھي.