ليکڪ: پيار علي چانڊيو
سنڌ جن مسئلن کي سڀ کان وڌيڪ منهن ڏئي رهي آهي جيڪڏهن انهن مان سڀني کان سنگين نوعيت جو مسئلو ڏسجي ته اهو زرعي پاڻي آهي، پاڻي کانسواءِ زندگي جو تصور ڪرڻ ناممڪن آهي. سنڌ جي معاشي سرگرمين ۾ زراعت جو وڏو حصو آهي، وقت سان جيئن جيئن پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي تيئن تيئن زراعت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي ۽ اھڙي نوبت نه صرف زراعت تي پئي آھي پر انساني جانيون پڻ ان ضد ۾ اچي ضايع ٿي رھيون آھن، پاڻي کوٽ ھن وقت سنڌ ۾ ناڪاري اثر ڇڏي رھي آھي، جنھن ۾ خونريزي ۽ قتل عام تيزي سان وڌي رھيو آھي، سنڌ ۾ جيتري قدر ھن سال زرعي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آھي شايد اڳ ايتري نه ڏٺي وئي ھجي، ڇو ته جيتري قدر ھيل زرعي پاڻي مامرن تان قتل ۽ جھيڙا ٿيا آھن ماضي ۾ گھٽ ٿيا هوندا، سنڌ اندر پاڻي کوٽ سبب تنگدستي سميت ماڻھن مان صبر ۽ برداشت جو مادو پڻ ختم ٿيندو پيو وڃي، مڃون ٿا اھڙي ڏڪار واري صورتحال ۾ انسان پنھنجا حوصلا ھاري ويھندو آھي ۽ باغي يا خفا بڻجي ھٿيار ھٿ ۾ کڻندو آھي پر اھڙي صورتحال کي ڪنٽرول ڪيئن ڪجي تنھن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين، ھونئن ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جون دانھون ڪوڪون آھن پر اتر سنڌ جي ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾ پاڻي رسائي ۽ شاخن جي جيڪا صورتحال آھي اھا ھارين کان ڏٺي نٿي ٿئي ۽ پاڻي وارن ۽ ٻڌي ڇوڙي تان ڳالهھ وڃي قتل عام تائين پھتي آھي، جنھن جو تازو مثال ضلعي اندر ھڪ ھفتي دوران پنج خون ٿيڻ ۽ ڪيترائي زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيڻ آھي، چار ڏينھن اڳ زرعي پاڻي مامري تان قمبر ضلعي جي بھرام واري علائقي ۾ مگسي ۽ مھر برادري جا ماڻھو معمولي ڇڪتاڻ بعد ھٿيارن تائين پھتا جنھن ۾ ھڪ ئي ڌر جا ڳڀرو جوان محمد پنھل مگسي ۽ محمد رمضان مگسي گولين سان پروڻ ڪيا ويا، جن جا مڙھه وارث کڻي ڪکائين گھر پھتا ته معصوم ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيھاٽ اھڙا جو قيامت صغريٰ برپا ھُجي، ان قھري قتلام کي اڃا چار ڏينھن ئي مس گذريا ھئا ته ساڳئي ضلعي اندر لعلورائنڪ واري علائقي ۾ پاڻي جي واري تان چانڊيا ۽ بوھڙ برادري جي ماڻھن سندرا ٻڌي ڪلاشنڪوف ۽ جديد ھٿيار ھٿن ۾ کڻي زرعي زمين کي ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو، جنھن جي پيرائتي خبر ڪجهھ ھيئن ھئي ته لعلورائنڪ ڀرسان بوهڙ ڳوٺ ۾ چانڊيا ۽ بوهڙ برادري جي ماڻھن وچ ۾ پاڻي جي واري تان خوني راند شروع ٿي ۽ هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ چانڊيا برادري جو هڪ ڄڻو حبدار علي ٿڏي تي قتل ٿي ويو ۽ خادم حسين چانڊيو ۽ منور چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا هوڏانهن بوهڙ برادري جا ٻه فدا حسين ۽ ان جو پٽ ابراهيم بوھڙ گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته فدا حسين جو ڳڀرو پٽ صمد بوهڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس موبائل ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، بوهڙ ۽ چانڊيا برادري جي هلندڙ فائرنگ دوران حد جو ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو پهچي ويو ۽ ٻنهي ڌرين کي فائرنگ بند ڪرڻ جون منٿون ڪيون، جنهن تي ڪجھه دير لاءِ ٻئي ڌريون خاموش ٿي ويون، ان دوران ايم پي اي برهان خان چانڊيو ٻنهي ڌرين جا لاش کڻائي انهن جي مالڪن حوالي ڪرايا، آخري اطلاعن تائين وڌيڪ خونريزي کان بچڻ لاءِ نواب برهان خان ڳوٺ بوهڙ ۾ ترسي پيو، جنهن سان گڏ ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ جي پوليس به وڏي تعداد ۾ موجود ھئي، هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهرن ۾ آڻڻ تي ھر طرف دانھون اوڇنگارون ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا، ڳالهھ اھا به نوٽ ڪرڻ جھڙي آھي ته جتي به خوني ويڙھاند يا قتل غارت ٿيندي آھي ته انتظاميه ڪلاڪن بعد پھچندي آھي ۽ چونڊيل نمائنده ته تعزيت تي به ڏھن پندرنھن ڏينھن بعد ظاھر ٿيندا آھن پر ڪالهھ جيڪو برھان خان چانڊيو ڪردار ادا ڪيو سو ساراھڻ جوڳو عمل آھي، ڌرين ۾ ھلندڙ فائرنگ دوران پھچي منٿون ڪري فائربندي ڪرائڻ ۽ مقتولن جي وارثن سان ھمدري طور تڏي تي ويھڻ بھتر عمل پر وري به ڳالهھ اھا ڇڙيل آھي ته جيڪڏھن اھي ساڳيا عوامي نمائنده پاڻي جي وقت سر شاخن ۾ رسائي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ھا ته شايد اھڙي خونريزي ٿيڻ جي نوبت نه اچي ھا، قمبر ضلعي ۾ ٿيندڙ خونريزي تي اھي به سوال اٿي رھيا آھن ته ڪجهھ ڏينھن اڳ سنڌ جي آبپاشي وزير سھيل انور سيال ۽ پ پ جي صوبائي صدر نثار احمد کھڙو اڌ ڪابينا سميت آبپاشي آفيسر ساڻ ڪري وارھه جي شاخن جو دورو ڪيو ھو ۽ آبادگارن کي پڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ جي خاطري ڪرائي ھئي پر ھميشه ائين ٿيندو آھي ته حڪومتي واعده ۽ اعلان ته ڪيا ويندا آھن پر عمل ناھي ٿي سگھندو ۽ وزيرن جي اھڙي دوري بعد ٺيڪ ھڪ ھفتي اندر قمبر ضلعي ۾ 5 انساني جانيون پاڻي معاملي تان اجل جو شڪار ٿي ويون ۽ ڪيترا خاندان پاڻي ڍڪ لاءِ اجڙي ويا، سنڌ سرڪار جي وزيرن ۽ ترجمانن کان جڏھن به صوبي اندر پاڻي کوٽ جو سوال ڪيو ويندو آهي ته ھنن جون آڱريون وفاق طرف اڀيون ھونديون آهن پر پاڻ اھو ڪڏھن به تسليم ناھن ڪندا ته سنڌو درياهه جي پاڻي ورڇ ۾ اسان جي به ڪوتاھي آھي، مڃون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان پنجاب مان سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري، ارسا پاران اڪثر حق جيترو پاڻي فراهم نه ڪرڻ، واٽر لاسز يعني پاڻي کي صحيح طرح سان نه سنڀالڻ، سنڌ اندر پاڻي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سميت پاڻي چوري شامل آهن، ھاڻ وري به ذڪر سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ته اھو عمل سنڌ سرڪار جي زمري ۾ اچي ٿو، جنھن ۾ اها ناڪام نظر آئي آھي، سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته پاڻي کي صحيح طرح سان ورهاست ڪرڻ لاءِ نه صرف واٽر ڪورس پڪا ڪيا وڃن پر پاڻي چوري روڪڻ سان سنڌ ۾ ڪنهن حد تائين پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ کوٽ جو ازالو ٿيندو، پاڻي جي کوٽ جو هڪڙو سبب ان جي منصفاڻي ورڇ نه هئڻ پڻ آهي، سنڌ ۾ آبپاشي وارو کاتو پاڻي منصفاڻي انداز ۾ ورهائڻ ۾ سدائين ناڪام رھيو آهي، هر سال هن مند ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ خلاف احتجاج ٿيندا رهندا آهن ۽ هن وقت به ٿي رهيا آهن. ننڍن آبادگارن جو الزام رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪيترائي بااثر واهن ۽ ڪئنالن مان سڌا سنوا غير قانوني واٽر ڪورس ڪڍن ٿا، جنهن ڪري سنڌ هڪ حساب سان داخلي مسئلي جو شڪار پڻ آهي، پاڻي کوٽ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ننڍا آبادگار ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته وڏا آبادگار طاقت وسيلي پاڻي حاصل ڪري وٺن ٿا، پاڻي کوٽ جو مسئلو ايڏو سنگين آهي جو ان معاملي تي قتل ٿيڻ سان گڏ قبائلي تڪرار پڻ پيدا ٿيندا آهن، تنهن ڪري اهڙي حساس مسئلي کي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، آبپاشي کاتي ۾ جيستائين سخت طريقي سان قدم کڻي سڌارا نه آندا ويندا تيستائين پاڻي کوٽ جي صورت ۾ عام ماڻهن ۽ غريب هارين مٿان معاشي موت جي تلوار لٽڪيل رهندي ۽ سنڌ جي وڏي آبادي جيڪا زراعت کي پنهنجي گذر سفر جو ذريعو بڻايو ويٺي آھي اها متاثر ٿيندي، جنهن سان نه صرف معيشت تي خراب اثر پوندا پر سماجي بحران پڻ اڃا وڌيڪ وڌندو، ڏٺو وڃي ته مئي مھيني ۾ سارين جي پوکائي ٿيندي آهي پر آگسٽ مھيني تائين شاخن ۾ پاڻي جو ڍڪ ناھي پهتو، جنھن سان اھڙا واقعا قبائلي تڪرار بڻجي 50 خونن تائين به پھچي سگھن ٿا، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنجاب کان پنهنجا حق وٺڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي هارين کي به پاڻي جي صحيح ورهاست ڪري پنهنجا حق ڏيڻ گهرجن.