ليکڪ: عمر فاروق
پنهنجي فضائي فوج لاءِ ڇهين نسل جي اسٽيلٿ ويڙهاڪ جهازن جي تياريءَ سان ڇا آمريڪا ۽ چين وچ ۾ هٿيارن جي هڪ نئين ڊوڙ شروع ٿي چڪي آهي؟ واضح اشارا ته اهو ٻڌائي رهيا آهن ته ان سوال جو جواب ها ۾ آهي، جون 2021ع ۾ آمريڪي فضائيه انڪشاف ڪيو هو ته سڪسٿ جنريشن (ڇهين نسل) جي ويڙهاڪ جهازن ۾ ”نيڪسٽ جنريشن ايئر ڊوميننس“ (اين جي اي ڊي) جو شاهڪار سسٽم ايندڙ 10 سالن جي عرصي ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويندو. آمريڪي فضائيه جي چيف آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيو برائون جونيئر هائوس آرمڊ سروس ڪاميٽي کي ٻڌايو هو ته هي نئون ۽ جديد ترين ويڙهاڪ جهاز ايف 22 ريپٽر جي جاءِ وٺندو ۽ اهو هڪ ئي وقت ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، مالي سال 2022ع جي بجيٽ گذارشن جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن فضائيه جي سربراهه ٻڌايو ته ان ويڙهاڪ جهاز جو بنيادي مقصد فضائن ۾ آمريڪي غلبي يا طاقت کي قائم رکڻ هوندو پر گڏوگڏ اهي جنگي جهاز زمين تي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت سان به ليس هوندا. سندس چوڻ هو ته سڪسٿ جنريشن ويڙهاڪ جهاز فضا کان زمين تي مار ڪرڻ جي صلاحيت وارو آهي پر پهريان اهو پنهنجي بقاءَ کي يقيني بڻائي ۽ فضائيه جي اسان جي ڪمانڊرن ۽ گڏيل فوج کي به آپشنز فراهم ڪندو، برائون اهو به چيو ته اين جي اي ڊي فائيٽر کان ايف 22 جو دائرو وسيع ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ وڏي مقدار ۾ بارود يا هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت به موجود آهي ۽ ان کي انڊو پيسيفڪ (هندي سمنڊ، ايشيا کان آسٽريليا ۽ اوڀر آمريڪا جي) خطي تائين ڊگهو مار ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ٿي وئي آهي.اين جي اي ڊي جو هميشه کان فيملي سسٽمز (خاندان نظام) جي طور تي تعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن کي امڪاني طور تي بنا پائليٽ جهازن واري دستي سان دشمن جي حملو ڪندڙ صلاحيت کي تباهه ڪرڻ، اليڪٽرانڪ حملي جهڙو مشن انجام ڏيڻ ۽ واڌو هٿيار هلائڻ واري مشين جي طور تي استعمال ۾ آڻڻ آهي پر فوجي عملدار چون ٿا ته ان جو بنيادي نظام جهاز جو ئي آهي، انڊو پيسيفڪ ريجن ۾ چيني فضائيا ۽ زمين کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل فورس جي وڌندڙ خطرن جي مقابلي لاءِ آمريڪا هٿيارن جي ان نظام جي منصوبابندي ۾ مصروف آهي. اسٽريٽجي بابت چيف آف اسٽاف، انٽيگريشن ۽ ريڪوآئيرمينٽس ليفٽيننٽ جنرل ايس ڪلنٽن هاءِ نوٽ مئي واري مهيني ۾ چيو هو ته جديد چيني جهازن ۽ ڊگهي فاصلي تي مار ڪندڙ ميزائلن جي نيڪسٽ جنريشن چئلينج بابت جيترو اسان سوچيو هو هي ان جي ويجهو آهي، سندس چوڻ آهي ته پري تائين مار ڪندڙ ويڙهاڪ جهازن کي سامهون آڻڻ ٽرانسپيرنسي مهم جو حصو آهي، جنهن جو مقصد ڪانگريس کي چين طرفان لاحق خطرن کان خبردار ۽ هڪ اهڙي فورس جي طرف تيزي سان وڌڻ جو احساس ڏيارڻ آهي جو ان صورتحال کي منهن ڏئي سگهي. هاءِ نوٽ چيو ته يقينن اهڙو وقت ويجهو اچي رهيو آهي جتي جي-20 جهڙا جديد ترين ميزائل آمريڪي فضائيه جي برتري لاءِ خطرو نه بڻجي سگهندا. جي-20 چين جو پهريون اسٽيلٿ (ريڊار ۽ جديد اوزارن سان نظر نه ايندڙ) ويڙهاڪ جهاز آهي، جيڪو هن وقت عمل جي ميدان ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. هاءِ نوٽ چيو ته ان چيني جهاز سان خطرو لاحق آهي ۽ اهو ته اسان کي ان جو ٽوڙ ڪرڻو پوندو، چين جي فضائيه جي پنهنجي آمريڪي هم منصب سان لفظي جنگ اڳ ئي شروع ٿي چڪي آهي، گذريل سال چين جي پهرين صف جي انگريزي اخبار گلوب ٽائيمز ڇپيو آهي ته چين سڪسٿ جنريشن ويڙهاڪ جهازن جي عالمي ڊوڙ ۾ پويان نه رهندو ۽ 2035ع تائين پنهنجا نيڪسٽ جنريشن ويڙهاڪ جهاز ٺاهي وٺندو. چيني ويڙهاڪ جهازن جي هڪ ممتاز ماهر وينگ هيفنگ جو چوڻ آهي ته چين جا سڪسٿ جنريشن ويڙهاڪ جهاز 2035ع ۾ تيار ٿي ويندا، هو چينگدو ايئرڪرافٽ ريسرچ اينڊ ڊزائن انسٽيٽيوٽ ۾ چيف آرڪٽيڪٽ آهي جنهن جي -20 ۽ جي -10 جي تياري ۾ حصو ورتو، زيان کان نيشنل ڊفينس انڊسٽري تي ڇپيل آرڊيننس انڊسٽري سائنس ٽيڪنالاجي جنوري ۾ رپورٽ شايع ڪئي هئي ته سڪسٿ جنريشن ويڙهاڪن جهازن ۾ نيون خوبيون شامل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڊرونز کي هدايتون ڏيڻ، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ايئرو ڊائينيمڪ (هوا جي مزاحمت گهٽ ڪري تيز اڏام جي صلاحيت واري) ڊزائن جي ذريعي اعليٰ اسٽيلٿ ۾ شامل آهي، وينگ ٻڌايو ته ليزر، ايڊاپٽو (هڪ ئي وقت تيز ۽ سست رفتار سان اڏندڙ) انجڻن، هائيپر سونڪ هٿيارن آواز کان 4 يا 5 ڀيرا وڌيڪ رفتار سان سفر ڪندڙ هٿيارن ۽ سوارم وارفيئر (اجتماعي حملي جي هڪ جنگي چال) جهڙي هڪ نئين ٽيڪنالاجي به ان جهاز جو حصو ٿي سگهي ٿي. چين ان مان ڪجهه فيچرز پسند ڪندو ۽ انهن کي چيني جي ضرورت مطابق جهاز ۾ شامل ڪندو، ٻنهي سپر پاورن جي فضائيه طرفان سڪسٿ جنريشن ويڙهاڪ جهازن جي تياري بابت پاڪستاني ماهر ڇا ٿا چون؟ اسلام آباد ۾ رهندڙ دفاعي معاملن جي تجزيي نگار شاهد رضا چيو ته چين جي پنجين جنريشن واري جي-20 جهازن جي سيريئل جي تازي تياري کانپوءِ آمريڪي فضائيه خاص ارادي ۽ مقصد سان اهي جهاز تيار ڪري رهي آهي، هن چيو ته چين جهڙي آمريڪا جي روايتي مخالف جي مقابلي ۾ ان جهاز تي سڪسٿ جنريشن ٽيڪنالاجي جو استعمال فضائي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، شاهد رضا چيو ته هي ويڙهاڪ جهاز گهڻو ڪري آمريڪا جي اندر ئي مقرر هوندا پر ڇڪتاڻ وڌڻ وارن ڏينهن ۾ ان جهاز کي انڊو پيسيفڪ ريجن ۾ پڻ لڳائي سگهي ٿو ته جيئن چين سان طاقت جي تعاون کي بگاڙي سگهجي پر سندس موقف هو ته اها نئين ٽيڪنالاجي ڏکڻ ايشيا وري خطي يا پاڪستان کي گهڻو متاثر نه ڪندي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي خدشن جي طور تي آمريڪي حڪومت ٿي سگهي ٿو ته سڪسٿ جنريشن ٽيڪنالاجي ڀارت سميت پنهنجي اتحادين سان نه ورهائي جيئن ته آمريڪا پنهنجي انتهائي ويجهن دوستن لاءِ به ايف اي 22 ريپٽر جهاز جي وڪري تي پابندي لڳائي آهي، هن چيو ته پاڪستان سان ان جهاز جو ڪو خاص تعلق نه آهي، سواءِ ان حقيقت جي ته مستقبل ۾ اهو فضائي صلاحيت لاءِ هڪ نئون مثال بڻجندو. هڪٻئي پاڪستاني ماهر ۽ پاڪ فضائيه جي اڳوڻي هوا باز قيصر طفيل بي بي سي کي ٻڌايو ته سڪسٿ جنريشن جهاز ايف 22 سان تيز يا سست رفتار جي مزاج کان وڏو ڪردار ادا ڪندا، جيئن ايف 15 ايف 16 سان گڏجي ڪم سرانجام ڏنو هو. اين جي اي ڊي جي لاڳت انتهائي گهڻي آهي، هڪ جهاز تي ايندڙ خرچ جي حوالي سان ٻيو ان جي مدي جي لحاظ کان به ان ڪري پي اي ايف ان جو خريدار نه آهي، ايستائين جو سياسي طور تي ان جهاز جي خريداري ۾ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي تڏهن به، آمريڪي فضائيه جي انتهائي جديد فرنٽ لائين هر پهرئين قطار جي جهاز طور ان کي نيٽو ملڪن ۽ نه ئي وري ڀارت کي آساني سان وڪرو ڪري سگهجي ٿو، ان ڪري ظاهري نظر اهو پيو اچي ته ڏکڻ ايشيا هنن جو تعلق نه هوندو، جيستائين خطي ۾ ڪا وڏي جيو پوليٽيڪل تبديلي نه اچي وڃي، آمريڪي فضائيه جي جي سربراهن مالي سال 2022ع جي بجيٽ ۾ گذارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چيو هو ته هن ويڙهاڪ جهاز جو بنيادي ڪردار فضائي غلبو يا پنهنجي حاڪميت قائم رکڻ لاءِ هوندو، ان ۾ زمين تي حدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت به هوندي.سڪسٿ جنريشن جهاز زمين تي مار ڪرڻ جي به ڪجهه صلاحيت رکي ٿو، پهريان اهو پنهنجي بقاءَ کي يقيني بڻائي سگهي ٿو پر اهو فضائي حصي جي ڪمانڊرن ۽ گڏيل فوج جي لاءِ آپشن به فراهم ڪري ٿو، برائون اهو به چيو ته ايف 22 جي مقابلي ۾ اين جي اي ڊي ويڙهاڪ جهاز جو دائرو وسيع ٿي ويندو ۽ هو وڏي مقدار ۾ هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سان انڊوپيسيفڪ ريجن ۾ پري واري مفاصلي تائين ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، برائون چيو ته مئي ۾ آمريڪي فضائيه جو منصوبو آهي هو پنهنجي ويڙهاڪ جهازن جي ٻيڙي کي 4 قسم جي جهازن تائين محدود ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ ايف 35، ايف 15 اي ايڪس، ايف 16 ۽ اين جي اي ڊي شامل آهن. هن چيو ته اين جي اي ڊي فائيٽر ايف 35 سان گڏجي اڏام ڪندو، شروعات ۾ اسان بنيادي جهاز ايف 15 اي ايڪس ۽ ايف 16 به گڏ رکنداسين.آمريڪي دفاع واري بجيٽ 2022ع لاءِ پنهنجي ناڻي وارا مطالبا ڇپيا آهن، جنهن ۾ اين جي اي ڊي لاءِ وسيلا گهريا آهن، آمريڪي فضائيه 1.5 ارب آمريڪي ڊالر گهري رهي آهي ته جيئن اين جي اي ڊي منصوبي کي اڳتي وڌائي سگهي، ماضي جي مقابلي ۾ اها رقم تقريبن 623 ملين ( 62 ڪروڙ 30 لک) آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ آهي. چيف آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيو برائون جونيئر هائوس آرمڊ سروسز ڪاميٽي کي جون ۾ ٻڌايو هو ته اسان تبديلي واري مرحلي ۾ آهيون، سندس چوڻ آهي ته ايئرفورس پنهنجي ڪجهه موجوده قوت کي ختم ڪري بچت ڪري سگهي ٿي، جنهن کي نون جهازن جي تياريءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهڙا جهاز جيڪي چين جهڙي مقابلي ۾ بيٺل وڏي قوت کي شڪست ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ جي صلاحيت رکندا هجن.