119

کارڪن جي واپار جي ترقي ۽ زرعي سڌارن بابت سيمينار…

ليکڪ: الطاف ابڙو

کارڪن جي واپار جي ترقي، ان جي وڪري واري سرشتي کي زرعي طور مستحڪم ڪرڻ واري عنوان هيٺ سنڌ سطح تي هڪ ڪانفرنس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم بينظير چيئر ۾ سنڌ حڪومت، انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ ۽ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي سهڪار سان ٿي، جنھن جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي، سرائي نثار احمد خاصخيلي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ضرورت ان جي ڳالھھ جي آهي ته نون طريقن سان کجي جي فصل کي پروموٽ ڪجي، ان ڏس ۾ مختلف ضلعي، صوبائي، مرڪزي حڪومتون ۽ تنظيمون توڙي ريسرچ اسڪالرز پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيئن زرعي سڌارن ۾ جدت ۽ نواڻ آڻي ملڪ ۾ خوشحالي آڻي سگهجي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪانفرنس جو مقصد آبادگارن لاءِ سهولتون ۽ آسانيون مهيا ڪرڻ ۽ زرعي ڄاڻ کي عوام ۽ آبادگارن تائين عام ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ هر ممڪن طور ڪوششون جاري رکيون وينديون ته جيئن وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ آسانيون آبادگارن کي ميسر ڪري سگھجن،  نور محمد بلوچ ڳالهائيندي چيو ته ريسرچرز کي ان ڏس ۾ ٽشو ڪلچر ۽ پوکائي ڪٽائي بابت وڌيڪ اڳتي اچڻو پوندو ته جيئن عام آبادگار به آسانيءَ سان ان جا فائدا سمجهندي ان سلسلي ۾ بنا ڪنهن دير جي سهولتون حاصل ڪري سگهن،  سنڌ جي زراعت بابت اڳوڻي وزير غلام قاسم جسڪاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومت کي آبادگارن کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪري ۽ جديد طريقن جي استعمال جي مدد سان کارڪن جي معيار کي عالمي مارڪيٽ جي معيار ۽ اگھن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گھرجن، اڳوڻي وزير دبئي جي زراعت جو حوالو ڏيندي چيو ته اتي آبادگارن کي سموريون سهولتون ميسر ڪيون ويون آهن ۽ ان جي پيداوار کي آساني سان هوائي سروس جي ذريعي بين الاقوامي بازار  تائين پهچائڻ کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن اميد ڏيکاري تي سنڌ جي کارڪن جي پيداوار کي به بين الاقوامي بازار ۾ وڪرو ڪري وڏي انداز ۾ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگھجي ٿو، ان ڏس ۾ سموريون ڌريون آبادگارن سان تعاون ڪن ۽ اهڙو نظام قائم ڪن جنهن سان زراعت ۽ کارڪن جي اپت ۽ واپار کي وڌ ۾ وڌ فائدو رسائي سگهجي، پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري آبادگارن کي وڌ ۾ وڌ تعاون جي خاطري ۽ ريسرچ تي زور ڏيندي چيو ته آبادگارن لاءِ سهولتون ۽ آسانيون متعارف ڪرايون وينديون،  انجنيئر سيد مدد علي شاهه ان موقعي تي پنهنجن خيال جو اظهار ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ مان ان فيلڊ جو ماهر ناهيان پر پوءِ به زرعي سڌارن بابت مرحوم نثار احمد صديقي سان گڏ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام سان ملي ڪافي ڪم ڪيو آهي، جيئن آبادگار ۽ زراعت ترقي وٺي سگهن، صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي چيو ته خيرپور ضلعو کجي جي فصل سان الحمد لله مالا مال آهي، ان ڏس ۾ لطيف يونيورسٽي وڌ ۾ وڌ هتان جي آبادگارن جي مدد ڪندي پروسيسنگ واري طريقي ۽ ان بابت مختلف پاسن تي ريسرچ واري ڪم کي وڌائيندي، ڊائريڪٽوريٽ آف ڊيٽ پام جي پليٽ فارم تان تحقيقي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي وڌايو ويندو، ان ريت آبادگارن کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڪانفرنس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر چندن لعل روهڙا، پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري، پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين جوڻيجو، پروفيسر ڊاڪٽر غلام عباس شر، پروفيسر ڊاڪٽر طاهره جت، قلندر بخش بوزدار ۽ محترم محمد اسلم گهمرو سميت وڏي تعداد ۾ زرعي ماهرن،آبادگارن، زرعي تنظيمن جي نمائندن، آفيسرن، پورهيتن ۽ شاگردن توڙي اسڪالرز وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ ماهرن کان مختلف سوال جواب ڪيا ويا ۽ ان سان گڏوگڏ ماهرن پنهنجون تجويزون، رايا ۽ سفارشون پڻ ڪانفرنس جي آرگنائيزر کي ڏنا جيڪي مرڪزي صوبائي حڪومتن کي سفارشن طور ڏياري موڪليا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو