104

والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جا 120 نوان ڪيس رپورٽ، 2 مريض فوت

سرينگر (ويب ڊيسڪ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 120 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته وائرس سبب متاثر 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪورونا وائرس سبب وادي ڪشمير ۽ ڄمون ۾ هڪ هڪ شخص فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير وادي ۾ وائرس جا 46 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڄمون خطي ۾ 72 ۽ ليه ضلعي ۾ ٻه نوان ڪيس سامهون آيا جنهن سان والاريل علائقي ۾ وبا جو شڪار مريضن جو مجموعي انگ وڌي 3 لک 42 هزار 65 ٿي ويو آهي. ان دوران والاريل علائقي ۾ بليڪ فنگس جو شڪار ڪو نئون مريض سامهون ناهي آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو