118

آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم ويڪسينيشن کانپوءِ ڪورونا وائرس جو شڪار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ريپبلڪن سينيٽر لنزي گراهم مڪمل ويڪسينيٽڊ ٿيڻ باوجود ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ هو ڪورونا ويڪسين جي مڪمل خوراڪ لڳرائڻ کانپوءِ پڻ ڪورونا وائرس جو شڪار سينيٽرز ۾ پهريون آمريڪي سينيٽر بڻجي ويو آهي. رپورٽ مطابق هن گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته کيس ڇنڇر تي زڪام جون علامتون محسوس ٿيون جنهن تي هن سومر جي صبح هائوس فزيشن کان ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي ۽ ٽيسٽ جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بابت معلوم ٿيو. هن چيو ته کيس ايئن محسوس ٿئي ٿو ته کيس ساهه جي تڪليف آهي ۽ هن وقت هن ۾ معمولي علامتون آهن جنهن سبب هو 10 ڏينهن لاءِ قرنطينه ۾ رهندو. هن چيو ته کيس خوشي آهي ته هن ويڪسي نيشن ڪرائي ورتي آهي ڇو جو جيڪڏهن هو ويڪسينيٽڊ نه هجي ها ته هن وقت سندس صحت وڌيڪ خراب هجي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو