141

اسلامي بينڪاري جي صنعت جي اثاثن ۾ ٽن مهينن دوران 30.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو: اسٽيٽ بينڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي بينڪاري جي صنعت (آءِ بي اي) جي اثاثن ۾ هلندڙ سال 2021 جي پهرين ٽه ماهي دوران 30.6 سيڪڙو اضافو ٿيو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب هلندڙ سال ۾ جنوري کان مارچ 2021 دوران آءِ بي آءِ جي اثاثن  جي ماليت 4.389 کرب روپين تائين وڌي وئي جڏهن ته جنوري کان مارچ 2020 دوران اسلامي بينڪاري صنعت جي اثاثن جي ماليت 3.360 کرب روپيا هئي. اهڙي ريت 2020 جي پهرين ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 2021 جي ان عرصي دوران آءِ بي آءِ جي اثاثن جي ماليت ۾ 1.029 کرب روپيا يعني 30.6 سيڪڙو اضافو ريڪاڊ ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو