110

ڪورونا وبا ملڪ ۾ وڌيڪ 67 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 35 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 582 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو، لاهور 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 53، ڪراچي ۾ 57 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 798 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 107،  پنجاب ۾ 19 هزار 752، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 116، اسلام آباد ۾ 3 هزار 492، بلوچستان ۾ 2 هزار 825، گلگت بلتستان ۾ 936، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 570 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 44 هزار 275 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 325 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 75 هزار 373 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 43 هزار 277 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 34، بلوچستان ۾ 30 هزار 627، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 318، اسلام آباد ۾ 88 هزار 344، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 306، پنجاب ۾ 3 لک 58 هزار 387 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 87 هزار 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 529 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 57 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 11 هزار 83 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 477 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 804 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 328 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 147 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 633 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 61 لک 58 هزار 330 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 3 هزار 838 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو