131

آگسٽ 2019ع تي ڀارتي قدمن تي عالمي برادري جي مجرماڻي خاموشي افسوسناڪ آهي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي 2 سال گذرڻ تي گڏيل قومن  ۽ عالمي برادري جي بي حسي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 2 سال گذري وڃڻ باوجود ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي تي عالمي برادري جي مجرماڻي خاموشي افسوسناڪ آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي روشني ۾ ڪشميرين کي حق خوداراديت ملڻ تائين ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهجي. ڀارت جو هڪ طرفو قدم غيرقانوني آهي. اي پي پي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي بعد ڪشمير ۾ غير رياستن کي آباد ڪرڻ سان ڀارت ڊيمو گرافڪ تبديلي ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندو، جڏهن ته ڪشميري ڪنهن به صورت ۾ ڀارتي ڏاڍ کي قبول نه ڪندا ۽ پنهنجي پرامن جدوجهد وسيلي عالمي برادري کان گهر ڪندا رهندا ته دنيا ٻٽي پاليسي ختم ڪري ڪشميرين کي گڏيل قومن جي تسليم ٿيل حق خوداراديت ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشميري آزادي جي جدوجهد لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اهي ڪيترن ئي نسلن کان جدوجهد ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت سيڪيولر ملڪ هئڻ جو ڍونگ دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن هر فورم تي ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. 5 آگسٽ جي قدمن بعد دنيا ۾ اسان جي بيانئي کي ٻڌو پيو وڃي. ڀارت ۾ آر ايس ايس جي نظرئي تي هلندر حڪومت آهي جتي اقليتن سان ظلم ۽ ڏاڍ وارو رويو رکيو پيو وڃي ۽ اتي مذهبي آزادي جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ دنيا آڏو هر فورم تي اهو مسئلو اٿاريندو رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو