ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پريڊي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ريگل چوڪ ڀرسان نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري پيءُ پٽ نديم پٽ شاهه زمان ۽ سندس پٽ شاهه رخ کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. ٻنهي زخمين کي سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي پريڊي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اي پي پي کي ٻڌايو ته زخمي ڪيترن ئي ماڻهن جا قرضي آهن. هن جو چوڻ هو ته نديم جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ٻنهي زخمين کي منهن ۽ چيلهه تي گوليون لڳل آهن.
