اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 798 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. قومي صحت وزارت طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 798 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. جن مان 3582 ڄڻن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽن جا نتيجا مثبت اچڻ جي شرح 7.19 سيڪڙو رهي آهي. جڏهن ته ان دوران ڪورونا سبب فوتين جو انگ 67 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
