113

اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪورونا جو شڪار

سکر (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪورونا جو شڪار ٿي ويو آهي. عدالت 21 سيپٽمبر تائين ضمانت منظور ڪري ورتو. تفصيل مطابق پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هن جي طبيعت  خراب ٿي هئي. هن جو ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو ويو. رپورٽ مثبت اچڻ تي هن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اڱاري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيد قائم علي شاهه خلاف ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته سيد قائم علي شاهه ڪورونا وائرس ۾ متبلا ٿي ويو آهي. هن سلسلي ۾ عدالت کي ميڊيڪل رپورٽس به پيش ڪيون. عدالت کي درخواست ڏني ته هن جي ضمانت ۾ توسيع ڪئي وڃي. عدالت 21 سيپٽمبر تائين ان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو