119

اسان کي ملڪي سلامتي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي: علي محمد خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته اسان کي ملڪي سلامتي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، افغانستان جي سفير جي ڌيءَ سان پيش ايندڙ واقعي کانپوءِ اسلام آباد پوليس پنجاب سان گڏجي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري اها ساراهه جوڳي آهي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي محسن داوڙ چيو ته اتر وزيرستان جي مير علي بازار ۾ ايس ايڇ او کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، اسان ٻن ساٿين کي پڻ ٽارگيٽ ڪيو ويو، اهي واقعا ميرانشاهه ۽ مير علي ۾ ٿيا آهن، ان کي سنجيده ورتو وڃي. ان تي گڏيل اجلاس گهرائي ان تي بحث ڪرايو وڃي. جنهن جي جواب ۾ مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته اسان سڀ پنهنجي پنهنجي سياست ڪريون پر ملڪ جي عزت جي ڳالهه هجي ته احتياط ڪريون. پنهنجي ملڪ جي عزت گهٽ ڪري اسان تحسين ۽ داد وٺون اهو صحيح نه آهي. افغانستان مان پرڏيهي فوج نڪري رهي آهي ان لاءِ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو