128

معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙ عنصرن کي سخت سزا ڏني وڃي: فهيم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر فهيم خان چيو آهي ته معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙ عنصرن کي سخت سزا ڏني وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي فهيم خان چيو ته معصوم ٻارڙين سان جنسي زيادتي جا ڪيس ان لاءِ ٿي رهيا اهن ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا نه پئي ڏني وڃي. اهڙن ڏوهارين کي چوڪن تي لٽڪائي عبرت جو نشان بڻائينداسين ته اهڙا واقعا گهٽ ٿيندا. 6 سالا ماهم جو قاتل ته گرفتار ٿيو آهي پر اهو به آزاد ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو