اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي حوالي سان سياست نه ڪئي وڃي، سڄي دنيا ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته معيشت ۽ صحت مان پهرين ڇا آهي، بجلي ۽ گئس جا بل معاف ڪرڻ جي حوالي سان اسان ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي اسامه قادري چيو ته ڪراچي واپار جي حوالي سان حب آهي، لاڪ ڊائون بابت سنڌ حڪومت اين سي او سي جي حڪمن کان تجاوز ڪيو آهي، اتي ڪرفيو لڳايو ويو آهي. سنڌ حڪومت کي پابند ڪيو وڃي ته اها ريليف ڏي. بجلي، گئس، پاڻي جا بل معاف ڪيا وڃن. ويڪسين لڳائڻ جو عمل سست آهي. ڪراچي جي لاءِ 5 مرڪز قائم آهن. هر يونين ڪائونسل جي سطح تي ويڪسين فراهم ڪئي وڃي. لاڪ ڊائون جي خلاف سموريون سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون. سيد نويد قمر چيو ته صحت ۽ معيشت ۾ اڳ ۾ ڇا ٿو اچي اهو بحث سڄي دنيا ۾ هلي رهيو آهي. ڊيلٽا وائرس جي ڦهلاءُ سان ڪراچي ۾ آڪسيجن بيڊ گهٽ ٿي ويا آهن. جيڪڏهن سخت قدم نه کنيا ويندا ته حالتون ڀارت وانگر ٿي سگهن ٿيون، جتي سنڌ حڪومت غلطي ڪري رهي آهي اتي نشاندهي ڪريو. واپاري پورهيت خفا هوندا. اهو ڪيترا ڏينهن هوندو، وفاق جيڪي لاڪ ڊائون جا فيصلا ڪيا هاڻي انهن ۾ سختي اچي رهي آهي. اسان کي گڏجي ان مسئلي کي حل ڪرڻو آهي. بجلي، گئس جا بل معاف ڪرڻ اسان گڏ آهيون ان تي سياست نه ڪئي وڃي.
