167

ڄامشورو: گهر اندر يرغمل بڻيل 20 گهر ڀاتي بازياب، 5 هٿياربند گرفتار

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ۾ پوليس ۽ رينجرز گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻن ون ٽو فائيو موٽرسائيڪلن تي سوار 5 هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو ڄامشورو جي مصروف ترين روڊ تي بختيار مري ۽ دين محمد مري کان 50 هزار رپيا ڦر ڪرڻ کانپوءِ واپڊا ڪالوني ۾ صداقت سومرو جي گهر مان ڌاڙي لاءِ گهڙيا ته کين پاڙي وارن ڏسي ورتو جن بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع تي ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو پوليس اٽالن سوڌو پهچي گهر کي ڪڙو چاڙهيو ته هٿياربندن گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪندي سمورن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو ۽ ڀڄڻ لاءِ صاف رستو نه ڏيڻ جي صورت ۾ سمورن گهرڀاتين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، اهڙي ڌمڪي ملڻ کانپوءِ ڊي ايس پي ڪوٽڙي غلام شبير سرڪي جي اڳواڻي ۾ وڌيڪ پوليس جي  نفري پهچي وئي ۽ علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رينجرز جا جوان به طلب ڪندي صداقت سومرو جي گهر کي ڪڙو چاڙهيو ويو، 3 ڪلاڪن تائين هلندڙ ڳالهين کانپوءِ هٿياربندن پوليس کي نقصان نه رسائڻ لاءِ قرآن پاڪ جا واسطا ڏنا ۽ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، ذريعين موجب ان کان اڳ ڦورن پوليس کان گهر ڪئي ته يرغمال بڻايل گهر ڌڻين جي آزادي عيوض حيدرآباد تائين صاف رستو ڏنو وڃي جنهن ۾ 3 گهرڀاتي ۽ صحافي اسان سان گڏ هجن جيڪو شرط پوليس مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن لاءِ جوابدارن کي پوليس موبائل ۾ وڌو پئي ويو ته مڇريل شهرين کين مارڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ رينجرز کين بچائي ورتو. گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدارن کي ڄامشورو ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي ڊي ايس پي شبير سرڪي ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وقت سر ڪارروائي ڪندي صداقت سومرو کي ڪنهن به جاني توڙي مالي نقصان کان بچايو ويو آهي، گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدارن ۾ شڪارپور واسي نور احمد ولد فضل احمد ابڙو، علي جان ولد محمد پريل ابڙو، قادر بخش ولد محمد عثمان ٻرڙو، ٽنڊو ڄام واسي محمد حسين ولد محمد امين جکراڻي ۽ حيدرآباد واسي غلام قادر ولد جمعون جکراڻي طور ٿي آهي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب گرفتار ڪيلن وٽان 2 ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو