دبئي (ويب ڊيسڪ) ماهرن هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي، جيڪو گهر جا کاڌا تيار ڪري سگهندو، رپورٽ مطابق ماهرن پاران تيار ڪيل روبوٽ باقاعده هٿن پيرن وارو ناهي، پر هڪ سمارٽ آلا 3 مرحلن ۾ کاڌو تيار ڪندو، ماهرن مطابق روبوٽ ٻوڙ، سوپ، چانور، پاستا ۽ ٻئي قسم جو کاڌو تيار ڪري سگهي ٿو، روبوٽ کي تيار ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳو، ڪو به شهري ان کي خريد ڪري سگهي ٿو.
