اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ن ليگ ۽ پ پ مون کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي پر مون سندن ڪرپشن سبب کين چئلينج ڪرڻ لاءِ ڌار پارٽي ٺاهي. ملڪ جي بهتري لاءِ لاڳيتو جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پاڪستان بابت اڪرام سهگل جي ڪتاب ”اي پرسنل ڪرونيڪل آف پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪنهن به سماج ۾ قانون جي مٿڀرائي جي لاءِ اخلاقي قدر تمام اهم هوندا آهن، پاڪستان ۾ ٻن وڏن ڪٽنبن ملڪ کي بيدردي سان ڦريو آهي، گذريل ٽن سالن کان طاقتور طبقي کي قانون جي طابع آڻڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪئي، غريب ملڪن جي اشرافيه مني لانڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر پرڏيهه ۾ منتقل ڪري ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ويندا آهن، ملڪي حالتون ڏسي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيم، ن ليگ ۽ پ پ مون کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي پر(ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ڄاڻان ٿو، ان ڪري ئي مون پنهنجي جدا سياسي پارٽي ٺاهي. هن چيو ته نواز شريف کي ڪرڪيٽ جو شوق هو ۽ هو حادثاتي طور وزيراعظم ٿي ويو، سياست مان اچڻ کان اڳ ملڪ جي سياسي نظام بابت ڪا به خبر نه هوندي هئي، رڳو نصابي ڪتابن ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهي هئي، ماڻهن کي ترندي ڏسي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو، سياست به سمنڊ ۾ ترڻ جيان ئي آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي لاءِ موڪليو آهي، جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ويندا آهن. هن چيو ته غريب ملڪن جي اشرافيه مني لانڊرنگ ذريعي ساليانو اربين ڊالر پرڏيهه ۾ منتقل ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ کان اڳ ملڪي سياسي نظام بابت وڌيڪ چاڻ نه رکندو هئس، شروع ۾ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت شموليت جي دعوت ڏني، پر مون انهن کي ڪرپشن تي چئلينج ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان وڏن انسانيت جي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون، قومون سدائين انهن کي ياد رکن ٿيون جيڪي انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو درد رکندا آهن، اسان جي ايمان جو حصو آهي ته عزت الله تعاليٰ پاران ملي ٿي، ڪنهن به ڪم ۽ وڏي مقصد جي لاءِ مثبت سوچ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، جن جي موثر استعمال جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ اسان سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ڪم جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياحت جو تمام گهڻو پوٽينشل آهي جنهن جي فروغ جي لاءِ ڪم جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڌيڪ خوبصورت آهن. وزيراعظم چيو ته حضرت علي رضه جو قول آهي ته ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو پر ظلم جو نه، الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي لاءِ موڪليو آهي، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪئي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
