اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ فضل الرحمان نظام تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، پر شهباز شريف جو نظام جي باري ۾ بيان سٺو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڳالهيون رڳو چونڊيل ميمبرن سان ئي ٿينديون، پر نواز شريف، مريم نواز ، فضل ارحمان ۽ ٻيا جيڪي اسيمبلي کان ٻاهر آهن اهي نظام تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. جمهوريت کي هلائڻو آهي ته نظام کي هلڻ ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ۽ الطاف حسين پارٽي جا سربراهه نٿا ٿي سگهن. آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ پوليس، پيسو ۽ بيوروڪريسي ڪشمير حڪومت وٽ هئي پر اليڪشين هارائڻ کان پوءِ دانڌلي جو الزام وري وفاقي حڪومت تي لڳايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 27 سيڪڙو ڪورونا ويڪسينيشن ٿي وئي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سڀ کان گهٽ ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي، تنهنڪري سنڌ حڪومت پنهنجو پاڻ کي ڏسي ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪري.سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پوئتي آهي، وفاق سنڌ حڪومت کي گهڻي عرصي کان سٺي گورننس جو چوندو پيو اچي.
