99

سليڪٽيڊ وزيراعظم رڳو امير دوستن کي فائدو پهچائي پيو،غريبن جي پرواهه ناهي:بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ نااميدي جو سبب اهو شخص آهي جنهن عوام کي 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، سليڪيٽڊ حڪومت ۽ ان جي وزيراعظم کي غريبن جي بلڪل پرواهه ناهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهي غريب جيڪي شديد غربت، بيروزگاري ۽ روزمره جي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب پريشان آهن اسان کي انهن جو احساس آهي. سليڪٽڊ حڪومت ۽ وزيراعظم پنهنجي امير دوستن کان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي سليڪٽڊ حڪومت ۽ وزيراعظم کي غريبن جي بلڪل پرواهه ناهي. هن چيو ته اهي سليڪٽيڊ ماڻهو سمجهن ٿا ته شيلٽرز ٺاهي ۽ خوراڪ جون ٽرڪون ڪڍي ملڪ کي هلائي سگهجي ٿو پر اهي ماڻهو گهٽ آمدني واري طبقي جي مسئلن کان اڻ واقف آهن. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو آهي ته عام ماڻهو لاءِ معاشي طور تي سنڀالڻ ۽ پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪرڻ تمام مشڪل ٿيندو پيو وڃي، عمران خان جي بي رحم سليڪٽڊ حڪومت عام ماڻهو لاءِ دوائون خريد ڪرڻ پڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي ٻارڙن جي اسڪول جي في ادا ڪرڻ کان لاچار آهن ۽ پنهنجي ٻارن کي ٻن وقتن جي ماني به نه ٿا کارائي سگهن. هن چيو ته عوام کي انهن ماڻهن بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي ۽ جيترو وقت اها سليڪٽيڊ ۽ ظالم حڪومت اقتدار ۾ رهندي ملڪ جو مستقبل اونداهو نظر ايندو. هن چيو ته قوم موجوده حڪومت جي نااهل ۽ ناقابل حڪومت جو بار کڻي رهي آهي جيڪا هر لحاظ کان ناڪام ٿي چڪي آهي جڏهن ته پاڪستان جو عوام هڪ حقيقي جمهوري حڪومت چاهي ٿو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو