ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فواد چوڌري شبلي فراز وانگر فلسفو ٻڌائڻ بند ڪري، سنڌ حڪومت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيو آهي، ايڪسپو سينٽر سميت 300 جي لڳ ڀڳ ويڪسينيشن مرڪزن سميت موبائل يونٽس ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فواد چوڌري پوءِ به چئي رهيو آهي ته ويڪسينيشن کي بهتر ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بي خبر وفاقي وزير کي ان ڳالهه جي اطلاع ئي ناهي. هن چيو ته اهو اعزاز به سنڌ حڪومت کي حاصل آهي ته پوري ملڪ ۾ پهرين ڪرونا جي اسپتال ڪراچي ۾ قائم ڪئي. هن چيو ته فواد چوڌري کي مشورو آهي ته ڳالهائڻ کان اڳ اسد عمر کان معلومات وٺندو ڪري. هن چيو ته فواد چوڌري ۽ سندس پي ٽي آءِ پهريان گورننس جي پلي اسڪول مان نڪري ۽ پوءِ ٻين صوبن کي سيکاري. فواد چوڌري سنڌ حڪومت جي گورننس تي تنقيد نه ڪئي پر پنجاب حڪومت کي اشارن ۾ نشانو بڻايو آهي. سيد ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت معاشي، انتظامي ۽ اخلاقي طور تي پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي هاڻ پي ٽي آءِ وارا اسان کي گورننس سيکارڻ هليا آهن. هن چيو ته مان حيران ٿيندو آهيان جڏهن فواد چوڌري پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندو آهي، اسان ڄاڻو ٿا ته پي ٽي آءِ هڪ پير ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪلهن تي چڙهي سنڌ کي فتح ڪرڻ چاهي ٿي پر پي ٽي آءِ چاهي ڪيترا به جلسا ۽ زبان هلائيندي رهي سنڌ پيپلز پارٽي جو قلعو آهي ۽ رهندو. هن چيو ته عام چونڊن ۾ جڏهن پي ٽي آءِ جو ملڪ مان صفايو ٿي ويندو ته فواد چوڌري هڪ کڙڪي تي کليل رکي. صوبائي وزير فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته فواد چوڌري اوهان کي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ سان جيڪڏهن پنجاب جي وزارت اعليٰ ملي وڃي ٿي ته اسان خوش ٿينداسين. اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه عزيز ڀٽي پارڪ جو دورو ڪيو، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد ڊي جي ورڪس ڪي ايم سي شبيه الحسن زيدي، ڊي جي پارڪس آفاق مرزا ۽ ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا. ايڊمسنٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد مڪاني کاتي واري صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پارڪ مان انٽرنل حددخيلن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪسٽم ڪلب ۽ شادي هال کي به مسمار ڪيو ويو آهي .هن وڌيڪ چيو ته پنج ايڪڙ ايراضي تي پارڪ جي ڍنڍ ۾ ڪچري جي ڊمپنگ کي بہ روڪيو ويو آهي، جڏهن ته خالي ڪرايل پارڪ جي ايراضي تي اربن فاريسٽ لاءِ هڪ سماجي تنظيم هڪ لک ٻوٽا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن مان 50 هزار ٻوٽا پهچي چڪا آهن. ان موقعي تي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي هدايتون ڏيندي چيو ته عزيز ڀٽي پارڪ بابت چيف جسٽس آف پاڪستان جي حڪمن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهرين جي تفريح لاءِ عزيز ڀٽي اهم پارڪ آهي ۽ ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پارڪ جي ڍنڍ کي خوبصورت بنائڻ لاءِ اپاء ورتا وڃن ۽ ڍنڍ جي ڪنارن تي ڇٻر ۽ شھرين جي ويھڻ لاءِ ڪرسيون لڳايون وڃن. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته ڍنڍ جي ڪناري تي ڪچرو ڦٽي ڪرڻ واري عمل کي سختيءَ سان روڪيو وڃي ۽ قبضن جي خاتمي بعد خالي ڪرايل ايراضي تي اربن فاريسٽ لڳايو وڃي، جڏهن ان ڏس ۾ سنڌ جي ٻيلي کاتي جي مدد به حاصل ڪئي وڃي. ھن چيو ته پارڪ جي چوديواري جي اڏاوت به جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پارڪ ۾ چيئرز، هٽس ۽ ٻارن لاءِ جهولن جي ضروري مرمت ڪئي وڃي ۽ شهرين جي سهولت لاءِ ٽڪ شاپ ۽ ٻين سهولتن جي قانون ۾ گنجائش جو جائزو ورتو وڃي. هوڏانهن سنڌ حڪومت صوبي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪراچي ۾ گهرن تائين وڃي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ موبائيل ويڪسين سروس شروع ٿي وئي، 6 ضلعن لاءِ 12 موبائيل ويڪسين يونٽن ڪم شروع ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ موبائيل ويڪسين سروس جلد شروع ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ صحت کاتي طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۾ موبائيل ويڪسين سروس شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سينٽرل ضلعي کي 3، ايسٽ کي 2، ڪياماڙي 2، سائوٿ 2، ويسٽ ۽ ملير ضلعي کي هڪ موبائيل ويڪسين يونٽ ڏنو ويو آهي، گذڙيل ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي ۾ صحت بابت پارلياماني ڪاميٽي جي سيڪريٽري ايم پي ايم قاسم سراج سومرو موبائيل ويڪسين سروس جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي قاسم سراج سومرو جو چوڻ هو ته گهر گهر ۽ گهٽي گهٽي وڃي ماڻهن کي ويڪسين ڪرڻ لاءِ موبائيل ويڪسين سروس شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪئي آهي، جلد حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ شروع ڪئي ويندي، هن چيو ته ٽيم ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو شامل آهي، جن وٽ ويڪسين موجود آهي ۽ هر ٽيم پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ وڃي ماڻهن جي ويڪسين ڪندي ۽ اهي ٽيمون هر ضلعي جي ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او جي نگراني ۾ ڏنيون ويون آهن، ٻئي طرف سنڌ سرڪار طرفان صوبي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بابت صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليمي سرٽيفڪيٽ، ڊرائيونگ لائيسنس، پاسپورٽ يا (ب) فارم ڏيکاري به ويڪسين لڳرائي سگهبي، ڪوبه دستاويز نه هجڻ جي صورت ۾ شخصي ضمانت تي به ويڪسين لڳائي ويندي، شخصي ضمانت نه هجي ته فارم ڀري موبائيل نمبر لکي وئڪسين ڪرائي سگهبي، پهرين مرحلي ۾ اها سهولت صرف ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن کي اڳتي وڌايو ويندو.
