ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايتري ويڪسين گهربل ناهي جيتري ماڻهو لڳرائي رهيا آهن، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته بنگالي ۽ برمي ماڻهن جي علائقن ۾به ويڪسينيشن سينٽر کوليا ويا آهن، جڏهن ته گرين لائين جي ٽريڪ تي ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر ٺاهڻ تي ڳالهه هلي پئي، هن وڌيڪ چيو ته جن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهي،انهن جي ويڪسينيشن ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀلي ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، ڪورونا ايس او پيز خلاف ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي.
