145

چاچو ۽ ڀائيٽي هڪٻئي جي ڳچي ۾هٿ وجهي رهيا آهن:فردوس عاش

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چاچو ۽ ڀائيٽي هڪٻئي جي ڳچي ۾هٿ وجهي رهيا آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته نقلي راجڪماري جيڪو بيان ڏنو هو،اهو ذرا ذرا ٿي ويو،شڪست نصيب ۾ملي آهي، هن چيو ته م ۽ ش جي جهيڙي ۾سڄي ن ليگ لڏي رهي آهي،قوم ان ٽولي کي رد ڪيو آهي، ملڪ جي خيرخواهه عمران خان جو بيان سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو