ليکڪ: وينا شرنگي
30 جولاءِ 2021ع تي پروفيسر هيرو شيوڪاڻي زندگي جو سفر پورو ڪري هن دنيا کي الوداع ڪري رمندا رهيا، ويندي ويندي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا ”سچ بنام سوچ“ جو تحفو پيش ڪري پنهنجي دور جي ادبي تاريخ جو رڪارڊ قلمبند ڪري سنڌي ادب کي سوکڙي طور ڏئي ويا، هو فرمائين ٿا ته ”منهنجو چوڻ آهي ته آخر سڀ پورهيا ثاب پيا، هي ڪتاب ”سچ بنام سوچ“ آتم ڪٿا جنهن روپ ۾ شاندار طريقي سان آيو آهي، پنهنجي ان روپ لاءِ وڏو سفر طئه ڪيو آهي، مهينو کن اڳ ساڻن منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مون سندس آٿم ڪٿا واري ادبي تحفي موڪلڻ لاءِ مهرباني مڃي، ٻه ٽي مهينا اڳ به هڪ ٻه ڀيرا ”نئون نياپو“ منهنجي يوٽيوب چينل جي ڪن خاص پروگرامن جو ذڪر ڪندي هن مبارڪون ڏنيون، خاص طور ڪلامن جي سليڪشن تي، ماسٽر چندر جو ڪلام ”ڪونجون ڏيوم خبر منهجي مارن جي“ کين بيحد پسند آيو ۽ چيائون ته منهنجي ذهن ۾ ڪي ادبي موضوع آهن تون پنهنجي يوٽيوب چينل جي ”نئون نياپو“ جي سري ۾ انهن تي پرگرام ڪر، مون کين چيو ته ضرور اوهان آتم ڪٿا لکي وٺو، پروفيسر هيري شيوڪاڻي جي صلاح تي منگهارام ملڪاڻي تي هڪ پروگرام به ڪيو، جنهن لاءِ انهن رهنمائي ڪئي ۽ پنهنجي آڊيو رڪارڊ ڪري ڏني جيڪا مون پروگرام ۾ شامل ڪئي ۽ جيڪي ادبي تاثرات ڏنا اهي مضمون جي روپ ۾ ڇپرائي ڪاپي مون ساڻن شيئر به ڪئي، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 1984ع ۾ اجمير شريف ۾ ٿي هئي، منهنجو پهريون ڪتاب ”ڪيئن وساريان ويڙهيچن“ اجمير ۾ ڇپجي رهيو هو ان وقت ڪمپيوٽر يا موبائيل فون جون سهولتون نه هيون، انڪري اجمير وڃي پريس تي ويهي ڪتاب ڇپائڻو هو، سينٽرل هندي ڊائريڪٽ اجمير ۾ ڪهاڻي تي ورڪشاپ ٿي رهيو هو ۽ ان جي ڪنسلٽنٽ امر ناڻي فون ڪري چيو ته اجمير ۾ نوجوانن لاءِ ڪهاڻي تي ورڪشاپ ڪري رهيا آهيون تون اٽينڊ ڪر، مون کيس چيو ته مان پنهنجي ڪم سان وڃي رهي آهيان، چيائين ته ڪا ڳالهه نه آهي صبح جو ورڪشاپ اٽينڊ ڪري شام جو پريس تي وڃي پنهنجو ڪم ڪجو، پروفيسر هيرو شيوڪاڻي ان ورڪشاپ جو انچارچ هو، هڪ هفتي جو پهريون ڪهاڻي تي ورڪشاپ سندس رهنمائي ۾ مون اٽينڊ ڪيو، پروفيسر شيوڪاڻي ۽ شاعر گورڌن ڀارتي سان اتي ملاقات ٿي، پروفيسر شيوڪاڻي جي سمجهاڻي جي انداز ۽ شخصيت متاثر ڪيو، رنگ جو سانورو، چشمي مان ڳالهائيندڙ اکيون، ڪنڌ جي لوڏ ۽ ڪهاڻي جي ٽيڪنيڪل پهلوئن جي بيان جو طاقتور انداز مان بيحد متاثر ٿيس، ان بعد ساڻس ريڊيو جي حوالي سان بڪ رويو جي سلسلي ۾ رابطو رهيو، سنڌ جي ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا به ڪيائين، جن جو پروفيسر ذڪر به ڪيو ۽ اهي ريڊيو جا تبصرا سنڌ ۾ ڇپيا به صحيح، پروفيسر هيرو شيوڪاڻي نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم به رهيو، کيس ڪيترا انعام ۽ مان سمان به مليا، وڏو رڪارڊ آهي، ساهتيه اڪيڊمي جي صلاحڪاري ڪاميٽي ۽ ٻين ڪاميٽين جي ايڊوائيزري بورڊ تي به رهيو، سندس آتم ڪٿا ”سچ بنام سوچ“ڪونج جي ايڊيٽر مانواري نند ڇڳاڻي جي نظرداري هيٺ ڇپي آهي، نند ڇڳاڻي لکي ٿو ته پروفيسر شيوڪاڻي سنڌي ادب ۾ جرڪندڙ نالو آهي، ڪهاڻيڪار ۽ تنقيدنگار طور هن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي، هيرو شيوڪاڻي سنڌي ادب جو انتهائي گهڻ پاڙهو عالم هو، هن جي خاص سڃاڻپ هڪ نقاد واري هئي ۽ هو جڏهن به ڪنهن ڪتاب تي قلم کڻندو هو ته ان کان اڳ تنقيد بابت تمام گهڻو مطالعو ڪندو هو ۽ لاڳاپيل سبجيڪٽ بابت سڀني پاسن کان مڪمل ڄاڻ رکندڙ شخص هو، ان ڪري سندس تحريرون پوءِ اهي تنقيدون هجن، ڪهاڻيون، هجن، مضمون هجن يا وري تبصرا هجن، اهي هلڪڙا يا هوائي نه هوندا هئا پر جڏهن به سندس تحريرون پڙهبيون هيون ته انهن مان لڳندو هو ته اهي واقعي ئي هڪ عالم لکيون آهن، ڇو ته انهن مان تمام گهڻي ڄاڻ ملندي هئي ۽ ڪا به تحرير ڪيئن لکجي ان جا سمورا پاسا ڪيئن پورا ڪجن ۽ ان ۾ ڪهڙين شين جو خاص ڌيان رکڻ گهرجي اهو سندس تحريرون پڙهندڙ ڄڻ ته سکي ويندو هو، هيرو شيوڪاڻي نوجوان ٽهي کي اتساهيندڙ ڪردار هو، هو جتي نقاد هو اتي وري هڪ انتهائي همٿائيندڙ استاد پڻ هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هند توڙي سنڌ ۾ سندس هڪ جيتري مڃتا ۽ مقام رهيو آهي، ٻنهي طرفن جا ماڻهو ساڻس بيحد پيار ڪندا آهن، هن جو آتم ڪٿائي ڪتاب ”سچ بنام سوچ“ سچ ته رڳو سندس آتم ڪٿا نه آهي پر اهو سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ اهم ڪتاب آهي، ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي هند ۽ سنڌ جي مشهور ادبي شخصيت، ڊاڪٽر فهميده حسين جا ”پوسٽ ماڊرنزم“۽ ”بعد جديديت “ تي ويچار آهن.